عالم سڀ آباد ڪرين: شاهه جي دُعائيه شاعري

0
299
عالم سڀ آباد ڪرين: شاهه جي دُعائيه شاعري

 حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه سنڌ جو صوفي، آدرشي ۽ آفاقي شاعر آهي. هن جي شاعري هن قوم جي لاءِ نه پر پوريءَ دنيا لاءِ انساني اعليٰ قدرن جي اپٽار آهي. هُو ڪائناتي شاعر دنيا جي سردار شاعرن مان آهي، تڏهن ته پوري دنيا لاءِ دُعاڳو ٿي چوي ٿو ته،

سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سِنڌ سُڪار،

دوسَ! مٺا دلدار! عَالمُ سَڀُ آبادُ ڪِرين.  (سارنگ، 4-12)

                 پوري عالم لاءِ، دعاڳو هن عظيم شاعر پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڄاڻايو آهي ته “گهر تنهن کان مڱڻا جو ڏيهاڙي ٿو ڏئي”، هُو دُعا کي دل جو آواز ۽ عبادت جو مغز ٿو ڄاڻائي، شرڪ کان پلي ٿو.

وحده لاشريڪ له، جان ٿو چئين ايئن،

تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،

سو تون وڃئو ڪيئن، نائين سرٻين کي،

شاهه صاحب جو ڪلام واحد جي وحدانيت جي اُپٽار ۽ ٻانهي جي عاجزيءَ جي اقرار ۽ دل سان گهريل دُعائن سان سينگاريل آهي، مٺي محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن کي هادي، رهبر ۽ ڪارڻي ڄاڻائيندي کين ئي نجات جو وسيلو سڏيو اٿن.

مَدِيني جا شاهَه، سُڻ مُنهنجا سڏِڙا،

ڪَارڻ لڳ الله، سِگهو رَسجِ سُپِرين. (ڏهر-4، 2)

مديِني جا مِيرَ، سُڻ منهنجا سَڏِڙا،

سَرَڻ تنهنجي سِيرَ، تُون پار لنگهاينين پيئڙا. (ڏهر، 2-1)

“دُعا” لفظ جي معنيٰ آهي، “گهرڻ”، “التجا ڪرڻ” ۽ دُعائي آهي جا مومن جو هٿيار ۽ عبادت وسيلي تقدير کي موڙڻ جي تدبير آهي. انسان ته عاجز بندو آهي ۽ عاجزي ئي دعا جي اولين شرط آهي، الله تعاليٰ وٽ زمينن ۽ آسمانن جي بادشاهي آهي هن وٽ سڀ ڪجهه آهي ۽ هُو پاڪ پروردگار هر شيءِ تي قادر آهي، پر هن وٽ ٽي شيون نه آهن، جيڪي سندس پياري ٻانهي وٽ آهن، عاجزي، انڪساري ۽ لڙڪ، الله تعاليٰ جي خوف ۽ اميد ۾ ڪريل ٻانهي جا لڙڪ ۽ عاجزي ۽ انڪساريءَ سان ڪيل دُعائون کيس گهڻيون پسند آهن جي قبوليت جو شرف ٿيون حاصل ڪن، بندي جو حقير ٿيڻ ۽ باربار رحم جي گذارش ڪرڻ، ٻاجهه جي خيرات پنڻ، ٻئي در نه واجهائڻ ۽ کانئس ئي سڀ ڪجهه ملڻ جو پڪو يقين هئڻ کيس عبديت جي اوچي مقام تي پهچائي ٿو، شاهه صاحب شرڪ ۽ ٻيائيءَ کي پليندي رڳو ڌڻيءَ سڳوري در واجهائڻ کي هِن ريت بيان ڪيو آهي.

جي ڀاينين جوڳي ٿيان، ته رَلي کڻي مَ رُل،

ويڙهي ويهه وجود کي، ٻُڌ هيڪڙائيءَ جو هُل،

آهِين پاڻ اَمُلهه، پِنين ڇو پينارن کان.

لطيفي سوچ ۽ نظر جو محور ان ئي هڪ نقطي تي زور ڀري ٿو ته، تن تنهنجو تسبيح ۽ مَن مڻيو آهي پوءِ تنهنجي هن انساني وجود کي هيڪڙائيءَ جي هُلَ کي ٻڌڻو آهي ۽ ان کان ئي گهرڻو آهي، جو ڏڏن کي نوازي، نالائقن ڏي نهاري، اهو ئي حبيب آهي اهو ئي طبيب آهي، اهو ئي ڏک ڏيندڙ ۽ اهو ئي لاهيندڙ آهي، ٻيو ڪو در ڪونهي جو همراهي ڪري، هُو مهربان موليٰ، مددگار ۽ مشڪل ڪشا آهي، ان ڪري کانئس ئي هر پل، هر دم مدد، محبت ۽ معرفت پنڻي آهي.

مِٺو جئن نالوءِ، تيئن موُن وڏو آسَرو،

ڪو درناهي جهوءِ، مُون ٻيا دَرَ گهڻا نِهاريا. (ڏهر، 2-22)

حضرت شاهه ڀٽائي هڪ باعمل انسان هيو، جنهن جو عقيدو هو ته دنيا ۾ نيڪ عملن بدولت ئي رب جو ڪرم نصيب ٿيندو ۽ ڌڻيءَ سڳوري جي رحمت مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، واضح طور چوي ٿو ته،

جي ليلائي نَه لَهِين، تان پڻ لِيلائج،

آسرَمَ لاهيج، سَڄَڻ ٻاجِهيندڙ گَهڻو. (ليلان- چنيسر، 2-21)

دُعا جو فلسفو شاهه صاحب اهڙو اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ عاجزي ۽ انڪساري آهي ته اُميد ۽ يقين پڻ، گڏوگڏ توڪل جي قوت اُتم آهي ته وجود جي ڪامليت جو احساس پڻ، “نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو” جي حوالي سان پرين جو پاڻ ۾ هئڻ، اعتبار جي قوت قائم ٿيڻ جو اعليٰ مثال آهي، جيڪڏهن عبادت ۽ دعا جي فلسفي تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته دُعا ۽ عبادت لازم ملزم آهن، جيڪو ٻانهو دعا نٿو گهري ان کان رب پري ٿو ٿيئي، ۽ دُعا دنيا جي هر مذهب ۾ گهري وئي آهي، ڪيترن بزرگن، نيڪن، پيغمبرن ۽ ولين جون دُعائون اڄ به مذهبي ڪتابن ۾ موجود آهن، سڀ کان پهرين حضرت آدم عليه السلام جي دُعا کي ڏسنداسين، جيڪا هُن پنهنجي غلطيءَ جي اعتراف ۾ گهري ۽ قرآن پاڪ ۾ اٺين سيپاري “وَلوانَّنَّا” ۾، آيل آهي، “ربَّنا ظَلَمِنا اَنُفُسَنَا……..

ترجمو: اي اسان جا رب! اسان پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو، جيڪڏهن تون نه بخش ڪندين ۽ رحم ڪندين، ته پوءِ اسين خساري وارن مان ٿينداسين”

اهڙيءَ ريت انيڪ دُعائون آهن، جن ۾ غلطين تي ندامتون پيشيمانيون ۽ آئينده جي لاءِ معافيون گهريل ڏسڻ ۾ اينديون. تحقيق انسان خطا جو گهر آهي، ۽ نفس اماره جڏهن کيس نهوڙي ٿو، تڏهن هو سڌي رستي تان هٽي ٿو وڃي، ۽ سڌو رستو فقط ۽ فقط ڌڻيءَ سڳوري جي ذات ڏَسي ٿي ۽ اهو ئي هدايت ڏيندڙ هادي ۽ رهنما آهي ۽ اها هدايت تڏهن ملندي، جڏهن گهرندڙ، صبر، شڪر، انسڪاري ۽ عاجزيءَ سان گهرندو، انا، غرور ۽ آڪڙ ٻانهي ۽ الله جي وچ ۾ تعلق کي ڪمزور ترين ڪري، ان ٻانهي کي هيٺانهين ڏي ڌڪي خوار ۽ خراب ڪري ٿي. دعا اميد ۽ ڀروسي سان تعلق رکي ٿي، ۽ اميد اهو جذبو آهي، جنهن ۾ مڪمل يقين جي قوت ضروري آهي. اڌوري آس نراسائي ۾ تبديل ٿي ويندي، هتي يقين جي قوت مشروط آهي، ٽٽل دلين جو جڏهن سهارو ئي دعا آهي ته پوءِ انهيءَ هٿيار کي پياري رسول مؤمن جو هٿيار سڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هٿيار کي مُڏي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته دل کي ڌوئي ساڄن لاءِ صاف ڪجي ۽ نفس جي پاڪائيءَ کان پوءِ رب کي وسيلو بڻائجي ڀٽ ڌڻي هن ڏس ۾ فرمائي ٿو ته:

مَڱُ تِنهين کان مَڱَڻا! جو ڏيهاڙي ٿو ڏي،

ڪوڙا دَرَ دُنيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي،

سڀان تُنهيِن کي، موٽي ڏيندا مُنهن ۾. (پرڀاتي، 1-19)

شاهه صاحب جي دُعائيه شاعري شخصي توڙي اجتماعي طور، دعائن لاءِ کنيل هٿن سان گڏ هر لطيف شناس جي چپن تي ازخود تري ايندي آهي، هن اسان کي نه فقط دعا جو سليقو سيکاريو آهي پر دعا جي قبوليت جو يقين پڻ ڏنو آهي.

ڏاتارُ تَه تُون ٻِيا مِڙيئي مڱِڻا،

مِينهنَ ته مُدائِتا وَسِڻا، سَدا وَسِين تُون،

جي گهر اَچِين مُون، تَه ميِريائِي مان لَهان.     (پرڀاتي، 1-26)

رب پاڪ جا ڪروڙين ڪرم ۽ ڀال ڀلايون انسان ذات تي آهن، سندس ٻاجهه ۽ مهر جي پکيڙ ڪائنات جي پکيڙ کان مٿي آهي، جيترو سندس نالو وڏو آهي ۽ اوتري ئي سندس ٻاجهه وڏي آهي، شاهه صاحب کي پنهنجي ڪامل ربَ جي ذات ۾ مڪمل يقين آهي، هُن پنهنجي دُعائن کي محدود ۽ مخصوص نه رکيو، بلڪه ڪل عالم جي لاءِ دعاگو ٿيو، سندس دعائيه شاعريءَ جو دائرو وسيع ۽ آفاقي آهي، تڏهن ته چوي ٿو ته:

دوست! مٺا دلدارعالم سڀ آباد ڪرين.