آسان جو سماج ۽ معصوم ڪانھاڪمار جو قتل

0
218
ڪرپشن جي روڪٿام جو عالمي ڏينهن ۽ اسان جا ادارا

 20نومبر تي سموري دنيا ۾ ٻارن جي حقن جو ڏھاڙو ملھايو  ويندو آهي انھي ڏينهن جڏهن سموري دنيا ۾ سماجي تنظيمن پاران ٻارن جي حقن تي ريليون ڪڍي  سيمينار ڪوٺائي   ٻارن جي حقن تي ڳالهايو پئي ويو ٺيڪ انھي ڏينهن ٻٻرلوءِ ۾ ھڪ  معصوم گلن جھڙي ٻارڙي ڪانھا ڪمار کي  وحشي درندن  جنسي حوس جو نشانو بنائڻ بعد بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو.  پنجن ڀينرن جي اڪيلي ڀاءُ جي قتل جي خبر جڏهن سوشل ميڊيا تي آئي۽ ھن معصوم جي لاش جون تصويرون  سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿيون تڏهن اھل دل ماڻهن جو جيءَ  جھري پيو. ٻار ته ڪائنات جو حسن آهن انھن ٻارن جي ڪري ته پوپٽن جا رنگ وکرن ٿا پر ھي ڪھڙا وحشي آهن

جن کي انهيَ معصوم  ٻار تي رحم نه آيو ۽ انهن وحشي درندن ھن معصوم کي سروٽن سان چٿي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ٻار ته گهر جي سونهن هوندا آهن ۽ ٻارڙن جي حقن جي عالمي ڏينهن تي جڏهن ھن قتل ڪيل معصوم جو لاش گھر پھتو ھو تڏهن انهيَ درد جي منظر اھل دل ماڻهن کي ڏکارو بڻائي ڇڏيو ھو. شھر جي سوڳ واري ماحول ۾ نراسائي وارن منظرن معصوم ڪانھا جو لاش ۽ انھي معصوم ماءُ جي اڀ ڏاريندڙ رڙين آھن دانھن ۽ سڏڪن ۾ ايئن محسوس ٿي رھيو هو ته ڄڻ درد ھتي واسو ڪري ڇڏيو آهي. آءُ ڪانھا جي انھي معصوم ڀيڻ جي سوشل ميڊيا تي اھا وڊيو ڪونه  ڏسي سگھيس جنهن ۾ ھو پنهنجي ڀاءُ جي قتل تي زاروزار روئي رھي ھئي. سچ پڇيو ته   ھن معصوم  ڪانھا جي قتل جو ڏک ذھن ۽ دل ۾ضم ٿي ويو آهي.  بنيادي سوال اھو آهي ته اسان جي سماج ۾ ھن قسم جي درندگي وارا واقعا ڇو ٿا  ٿين ؟ ڇا اسان جو ماڻهو ايترو وحشي بڻجي ويو آهي؟اسان جي سماج ۾ اڻ سھپ انارڪي وحشت ۽ بربريت ايتري وڌي وئي آهي جو اسان جا معصوم ٻار انھي وحشت جو شڪار ٿي رھيا آهن ۽ قتل ٿي رھيا آهن.

توهان سنڌ جي هر واهڻ وستي جو جائزو وٺي ڏسو ته توهان کي معصوم ٻارن جي لاءِ هي ڌرتي ٽامون نظر ايندي. سنڌ ۾ ڀنگ عيوض ٻارن جو اغوا ٿيڻ ۽ معصوم ٻارن سان جنسي تشدد ٿيڻ وارا واقعا هر روز اخبارن جي سرخين جو حصو بڻيل هوندا آهن. معصوم ٻارن سان ٿيندڙ زيادتين جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي. ھن سال جنوري کان نومبر تائين سنڌ۾  ٻارن جي گم ٿيڻ جا 898 واقعا رپورٽ ٿيا آهن ۽  ٻارن سان زيادتي جا 105 واقعا پيش آيا آهن. جڏهن ته گذريل 4 مھينن دوران آگسٽ  کان نومبر تائين سنڌ ۾ ٻارن جي اغوا ۽ زيادتي جي واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي آهي ۽ ڪيترائي ٻار جنسي زيادتي بعد قتل ٿي چڪا آهن. ھن معصوم ڪانھا جي قتل واري واقعي ته انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جھڪائي ڇڏيو آهي.

  ھن معصوم جي عمر ته ھڪ جيڏن سان راند ڪرڻ جي ھئي ھن معصوم نينگر پنهنجي اکين ۾ خوبصورت خواب سجايا ھئا ته پڙھي اڳتي ھلي ھو پنهنجن مائٽن جو ڀرجھلو  ٿيندو پر وحشي بگھڙن ھن  جي خوابن کي ساڀيان ٿيڻ نه ڏنو ۽ ھن کي بي دردي سان ماري ڇڏيو. جنهن ريت ھن معصوم کي انھن  وحشين بي دردي سان قتل ڪيو  سچ پچ اھڙا واقعا ڏسي انسانيت تان ويساھه کڄي وڃي ٿو. مطلب ته  سنڌ جو ٻار جتي هو سماجي بي حسي ۽ جنسي وحشيت جو شڪار ٿئي ٿو ته اُتي هو بک، بدحالي، بيماري جو درد پڻ ڀوڳي ٿو. سنڌ ۾ غربت سبب ڪيترائي معصوم ٻار توهان کي جبري پورهيو ڪندي نظر ايندا، هزارين ٻار هوٽلن ۾ بيراگري ڪندي نظر ايندا، سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا به ٻار آهن جيڪي توهان کي مال چاريندي به نظر ايندا، جيڪي ٻار هوٽلن، گيريجن، قالينن جي ڪارخانن يا ٻين هنڌن تي جبري پورهيو ڪن ٿا، انهن جون عمريون 5 کان 15 سالن جي وچ واريون آهن.

اتي اھي ٻار جنسي حوس جو شڪار بڻجن ٿا سنڌ ۾ غربت، بک ۽ بدحالي جو عالم اهو به آهي جو ڪيترائي انگ اگھاڙا معصوم ٻارتوهان کي پنندي به نظر ايندا.غذايت جي کوٽ، بک، بدحالي، مختلف بيمارين سبب سنڌ ۾ لکين ٻار موت جو شڪار بڻجي وڃن ٿا.سنڌ جي ٻارن سان وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي جو سنڌ جا ڪيترائي ٻار تعليم جهڙي زيور کان به محروم آهن. غربت سبب ڪيترائي والدين پنهنجي ٻارن کي تعليم پڻ نه ٿا ڏياري سگهن. پاڪستان ۾ ھن وقت 22.8 ملين اسڪول جي عمر جا ٻار اسڪول کان ٻاھر آهن انھن ۾ گهڻو گهڻو تعداد سنڌ جي ٻارن جو آهي. اُتر سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن (برادري تڪرارن) جو درد پڻ معصوم ٻار ڀوڳين ٿا وڏڙن جي هلندڙ دشمنين جو شڪار پڻ معصوم ٻار ٿين ٿا. برادرين جي تڪرارن جي نتيجي ۾ انهن ٻارن جي تعليم پڻ متاثر ٿئي ٿي. اهڙي ساڳي ريت ٿر ۾ غربت سبب ڪيترائي والدين پنهنجي ٻارن کي قالين جي ڪارخانن ۾ داخل ڪرائيندا آهن. هڪ سروي موجب ٿرپارڪر ضلعي ۾ 25000 معصوم ٻار قالين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا. قالين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ اُهي ٻار ٽي. بي جي مرض ۾ مبتلاٿي وڃن ٿا.

مسلسل ويهڪ جي ڪري انهن معصوم ٻارن جي ڪرنگهي جي هڏي  پڻ ڪمزور ٿي ويندي آهي، ٻارن ۾ ويهڪ جي ڪري اريڪسنا نالي هڪ بيماري پڻ پيدا ٿيندي آهي. قالين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن ۾ گوڏن ۽ سنڌن جي سُور جون بيماريون پڻ عام جام هونديون آهن. قالين جي ڪارخانن، هوٽلن، گئريجن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن سان غير انساني سلوڪ پڻ ڪيو ويندو آهي. مطلب ته سنڌ جا معصوم ٻار اڄ به انساني حقن جي عالمي پڌر نامي جي قانون موجب پنهنجن بنيادي حقن کان محروم آهن. بنيادي سوال هي آهي ته ٻارن جي حقن لاءِ سرڪاري سطح تي جيڪي ادارا ڪم ڪن پيا يا ٻارن جي حقن لاءِ جيڪي اين جي اوز ڪم ڪن پيون، انهن معصوم ٻارن لاءِ هيل تائين ڇا ڪجھه ڪيو آهي؟  ٻارن جي حقن لاءِ جوڙيل سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن جو عملي ڪم ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، ٻارن جي نالي انهن سماجي ادارن جو ڪارج ڪاغذن تائين محدود آهي.

اڪثر ڪري مون ايئن ڏٺو آهي جو ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف اين جي اوز پاران وڏين وڏين هوٽلن ۾ ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪوٺائي، فوٽو سيشن ڪري ڪاغذي ڪارروايون مڪمل ڪيون وينديون آهن، سڄي سال ۾ ڪو کڙتيل نه نڪرندو آهي. معصوم ڪانھا جي قتل تي ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ڪھڙو ايڪشن ورتو آهي؟  ٿيڻ ايئن گھرجي ته  معصوم ڪانھا جي سفاڪ قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيئي قانون موجب  ڦاسي ڏني وڃي .ڪانھا جي وارثن سان انصاف ٿيڻ گھرجي. حقيقت اها آهي جو هوٽلن، گئريجن، ڪارخانن ۾ ٻارن سان جنسي واقعا ٿيڻ ۽  ٻارن جو قتل ٿيڻ ۽ سماج ۾ جنم وٺندڙ سماجي مسئلن تي ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٻارن سان ٿيندڙ جنسي تشدد ۽ اغوا جي وارداتن کي روڪڻ لاءِ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن کي عملي طور تي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

سماج ۾ جيڪي ھن قسم جا واقعا ٿين ٿا انھي جي سماجي ۽ نفسياتي  سببن  تي ويچارڻ جي ضرورت آهي. معصوم ٻارن کي حق ڏيڻ لاءِ رياست کي به پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته سنڌ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ “ٽاسڪ فورس” جوڙڻ گھرجي جنهن جون شاخون ضلعي ۽ تعلقي سطح تي هجڻ گھرجن انهن ٽاسڪ فورس ۾ سماجي تنظيمون سرڪاري ادارن جا ماڻهو، اديب شاعر ۽ ساڃاهه وند شامل هجڻ گهرجن. انهي ٽاسڪ فورس جي پليٽ فارم تان ٻارن جي انساني، آئيني، قانوني حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين ۽ قتل جي واقعن جي روڪٿام  لاءِ سنجيدگي سان ويچاريو وڃي ۽ ٻارن جي سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي ڪوششون ورتيون وڃن.  معصوم ٻارن جي درد کي پنهنجي ٻارن جي درد جيان محسوس ڪرڻ گهرجي.