تعليمي ادارن ۾ خودڪشيون يا قتل

0
217
برسات-متاثرن-جي-واهر-بدران-گرفتاري-۽-لٺ

  چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج  لاڙڪاڻو جي هاسٽل مان دادو واسڻ شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي. ان حوالي سان سندس روم ميٽ شاگردياڻي ٻڌايو ته اڄ منجهند جڏھن آءُ ڪنهن ڪم سانگي ڪجھه گهڙين لئه روم کان ٻاهر وڃي ۽ واپس موٽيس ته ڪمرو اندران لاڪ هو، مون فورن ٻين شاگردياڻي کي سڏ ڪري اسان دروازي کولڻ جي ڪوشش  ڪئي ۽ نوشين کي بار بار سڏيو پر اندران ڪو به جواب نه مليو جنهن کان پوءِ اسان دري مان لڳل ڄاري مان سوراخ ڪري ڏٺوسين ته نوشين جو لاش پکي ۾ لٽڪيل هو.

واقعي کان بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميه ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي  ۽ فارنزڪ ٽيم کي گهرائي هاسٽل کي سيل ڪري واقعي جي جاچ ڪرائي رهي آھي. شروعاتي جاچ ۾ ڦاهو کاڌل شاگردياڻي جي ڪمري مان هڪ خط پڻ هٿ ڪيو ويو آھي جنهن جي پڻ فارنزڪ ذريعي جاچ ڪري ان جو سبب معلوم ڪيو ويندو. جڏھن ته ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو جو چوڻ هو ته في الحال ڪجھه به نٿو چئي سگهجي پوليس ۽ فانرزڪ ٽيم واقعي جي جاچ ڪري رهيون  آھن ۽ شاهديون به گڏ ڪري رهيون آھن انڪري واقعي جا جيڪي به ڪارڻ هوندا اهي سامهون اچي ويندا. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي جا ڪهڙا سبب آهن اها ته اسان کي خبر ناهي پر اسان جي معاشري ۾ ڪافي سارا مسئلا آھن ۽ ذاتي سبب به ٿي سگهن ٿا پر في الحال واقعي جي حوالي سان ڪجھه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

ڦاهو کاڌل شاگردياڻي نوشين شاھه جي ڪلاس ميٽس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوشين بيچ ميٽ آهي چوٿين سال جي ۽ نوشين کي ڳوٺان آئي ٻه ڏينهن ٿيا هئا. نوشين شاھه هڪ ذهين ۽ بااخلاق ۽ باڪردار ڇوڪري هئي  هوءَ ڪڏھن به اهڙو انتهائي قدم نٿي کڻي سگهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته فارنزڪ ڊپارٽمنٽ جاچ کان پهرين ئي سنڌي ميڊيا جي هڪ چئنل کي اطلاع ڏنو ته شاگردياڻي خودڪشي ڪئي آھي جيڪي انتظاميه تي وڏو سواليا نشان آھي ڇو جو جيڪڏھن اوهان اڃان واقعي جي ٽيڪنيڪل سببن تائين ئي نه پهتا آهيو ته پوءِ اوهان واقعي کي تڪڙ ۾ خودڪشي ڪيئن ٿا قرار ڏيو. اهو ممڪن آهي ته جيڪي هن کي آئوٽ لڪ ۾ فائنڊنگس مليون هجن جنهن بنياد تي هنن واقعي کي آپگهات قرار ڏنو هجي پر سائيڪالاجيڪلي هوءَ ڪهڙي حالت مان گذري رهي هئي هن اهو انتهائي  قدم ڇو کنيو آھي ان جي به جاچ ٿيڻ کپي.

نوشين شاهه جي ٻين ڪلاس ميٽس جو چوڻ هو ته نمرتا جو واقعو ان کان پوءِ طارق شاهاڻي ۽ هي واقعي هڪ قسم جي ڪڙي آھي. نمرتا ۽ شاهين جي واقعي ۾ هڪجهڙائي اها آھي ته نمرتا جو به روم نمبر 47 هو ۽ شاهين جو به روم نمبر 47 آھي بس هاسٽل  جو فرق آھي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن جو چوڻ هو ته ڪاليج انتظاميه شاگردن لاءِ ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ڪيو آھي. جڏھن ته شاگردن جي مقابلي ۾ شاگردياڻيون وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار رهن ٿيون. شاگردن ۽ شاگردياڻين اهڙن واقعن جو ذميوار چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کي قرار ڏنو آھي هنن جو چوڻ هو ته ٽن سالن جي ان عرصي دوران اهڙا ٽي واقعا پيش آيا آھن ڪاليج انتظاميه جو شاگردن سان رويو سدائين ڊڪٽيٽر شپ وارو رهيو آھي.