پي ايس او ۽ شيل مخلتف شهرن ۾ کليل پيٽرول پمپس جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

0
177
پي ايس او ۽ شيل مخلتف

ڪراچي(م ڊ) آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ شيل ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ کليل پيٽرول پمپن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن مارجن وڌائڻ جي مطالبي تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، فيصل آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پمپس بند هجڻ ڪري عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي

اهڙي صورتحال ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) ۽ شيل ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ پمپنس جي لسٽ جاري ڪئي آهي جتي پيٽرول وڏي مقدار ۾ موجود آهي

پاڪستان اسٽيٽ آئل پاران جاري ڪيل لسٽ موجب ڪراچي ۾ 7 هنڌن تي پيٽرول پمپس کليل آهن، جن ۾ ڪلفٽن روڊ، ايس ڊي/2 بلاڪ AKDA اسڪيم نمبر 2 نارٿ ناظم آباد، ايم ايس 11 ڪورنگي ڪراچي، مين خيابان اتحاد، عبدالله شاهه غازي ڪلفٽن، مين روڊ شامل آهن، جڏهن ته ڪورنگي روڊ ۽ ڪي ڊي اي جي ورڪشاپ شاهراهه فيصل تي به پيٽرول پمپس کليل آهي جتي پيٽرول وڏي تعداد ۾ موجود آهي

ان کان علاوه راولپنڊي، پشاور، ملتان، ڪوئيٽا، فيصل آباد ۽ سکر ۾ به ڪافي هنڌن تي پمپس کليل آهن، ٻئي طرف شيل مختلف شهرن جي لسٽ به جاري ڪئي آهي جنهن موجب بهاولپور، فيصل آباد، گهوٽڪي، اسلام آباد، جهلم، ڪراچي، لاهور، ملتان، مظفر ڳڙهه، پشاور ۽ راولپنڊي ۾ مخلتف هنڌن تي پمپس کليل آهن جتان شهري پيٽرول ڀرائي سگهن ٿا