ڪراچي: ناردرن بائي پاس تي زائرين جي بس کي حادثو، 2 ڄڻا فوت، 12 زخمي

0
207
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي

ڪراچي(م ڊ)  ناردرن بائي پاس تي شديد ڪوهيڙي سبب حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 12 ماڻهو زخمي ٿي پيا، پوليس موجب ڪراچي کان ايران ويندڙ زائرين مسافر بس ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي

حادثي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب بس ۾ 30 مسافر سوار هئا، حادثي جي نتيجي ۾ بس جو اڳئين حصي کي نقصان پهتو

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو ڪوهيڙي سبب پيش آيو، ناردرن بائي پاس تي سخت ڪوهيڙي سبب بس ڊرائيور ٽرالر کي نه ڏسي سگهيو، جنهن سبب پوليس ۽ امدادي ٽيمن کي به حادثي واري هنڌ پهچڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي

ناردرن بائي پاس تان گذرندڙ ٽرڪن ۽ ٽرالن جي ڊرائيورن به وڏي حادثي کان بچڻ لاءِ يونيورسٽي ويجهو روڊ جي ڪناري تي گاڏيون پارڪ ڪري ڇڏيون