متان پيٽرول نه ملي، کير سپلاءِ ڪندڙ شهري کير جي ڊرم ۾ پيٽرول ڀرائي ڇڏيو

0
284
متان پيٽرول نه ملي

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن اڄ کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول پمپن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ شهرين نه رڳو پنهنجين گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن ۾ پيٽرول ڀرايو پر پاڻ سان گڏ ڪيتريون بوتلون به کڻي آيا

ان حوالي سان حيدرآباد جي هڪ پيٽرول پمپ جي وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هڪ گاڏي ۾ کير جا ڊرم نظر اچي رهيا آهن ۽ انهن ڊرمن ۾ کير سپلاءِ ڪندڙ شهري ڊرم ۾ پيٽرول ڀرائي رهيو آهي

پمپن جي هڙتال سبب روزگار حاصل ڪندڙ شهري سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته پيٽرول جي هڙتال سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ پڻ متاثر ٿي آهي

ٻئي طرف پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته حڪومت مطالبا نه مڃيا، ڊيلر جو مارجن 6 سيڪڙو نه ٿيڻ تائين ڳالهيون نه ڪيون وينديون

ھي به پڙھندا

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس بند، عوام سخت پريشان