نمرتا کانپوءِ نوشين

0
291
نمرتا کانپوءِ نوشين

 شاگردياڻي نمرتا کان پوءِ نوشين جو لاش چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان مليو آهي جنھن تي  سنڌ جي شعور آواز اٿاريو آھي. نوشين جي واقعي بعد به اسان وٽ ساڳيا سوال اٿي رهيا آهن ته اھڙا افسوسناڪ واقعا ڇو ٿي رهيا آھن.؟ اسان جا نوجوان ذھني پريشاني جو شڪار ڇو پيا ٿين؟ ھن مخصوص ميڊيڪل ڪاليج ۾ ساڳيو واقعو ڪيئن پيش آيو؟ حڪومت جي  اهڙن واقعن تي غيرسنجيدگي  ۽ ڪاليج جي انتظامي نا اھلي تي ھڪ طرف باشعور طبقو ڇو ان معاملي تي خاموش آھي؟

  ھڪ وقت ھو جڏھن نارين جي تعليم تي پابندي هوندي ھئي، اجازت ملي ته سماج ۾ انھن کي جنسي تفريق تحت گھٽ موقعا ڏنا ويا، ھاڻ جڏھن عورتن ۾ سجاڳي آئي آھي تڏھن اھڙا واقعا ٿيڻ سوچڻ تي مجبور ٿا ڪن ته اسان اڳتي پيا وڃون يا پٺتي؟ تعليمي ادارن ۾ نياڻين جي خودڪشين جا واقعا والدين کي سوچڻ تي مجبور ڪندا ته ٻارن کي تعليم پرائڻ لاءِ پاڻ کان پري ڪيئن وڃڻ ڏيون؟

اسان وٽ تعليمي ادارن ۾ يونين نه ھجڻ ڪري پھريون کان مسئلا آھن جنھن تحت اھڙيون ڪاميٽيون به ناھن جنھن ۾ شاگرد نمائندگي ڪن . شاگرد ئي شاگرد جا مسئلا سمجھي سگھي ٿو. اسان وٽ اھڙا پليٽ فارمز ئي  موجود ناهن  جنھن جي ذريعي شاگرد بي خوف ٿي پاڻ سان ٿيندڙ انصافي بابت ڳالھائي سگھن.

اسان کي اھو نه ڪرڻ گھرجي ته واقعي ٿيڻ جو انتظار ڪريون پوءِ ان تي افسوس ڪيون يا مذمت ڪيون بلڪه اسان کي فوري طور تي واقعي تي سنجيدگي ظاھر ڪندي ان جي تھه تائين پھچون. ظالمن کي سزا ڏيڻ سان گڏ اھڙي حڪمت عملي جوڙيون ته اڳتي ڪير نمرتا يا نوشين نه ٿئي.ھن دردناڪ واقعي جو احساس ڪندي اسان کي سوچڻ گھرجي ھن وقت نوشين جا والدين ڇا محسوس ڪندا ھوندا جن جي باشعور، پڙھيل لکيل نياڻي جو لاش مليو. اھا به سوچڻ جھڙي ڳالھه آھي ته کيس قتل ڪيو ويو يا آپگھات ڪيائين ٻنھي صورتن ۾ مجرم ظاھر ٿيندا ته ھي سماج اھڙي نوبت پيدا ٿو ڪري يا مخصوص گينگ ڇوڪرين کي نشاڻو بڻايون ويٺي آھي.؟

موجوده دور ۾ جتي اسان عورتن کي آزاد، خودمختيار ۽ پنھنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي جرئت ۽ سگھه کي ڏسون پيا اتي چانڊڪا جھڙن تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ ڇوڪرين سان ظلم ڏسي ۽ پاڻ کي انھن جي جاءِ تي رکي خوف محسوس ٿئي ٿو ته ڇا اسان محفوظ آھيون؟ رياست طرفان مليل تحفظ جو ثبوت ڪٿي آھي؟ ھر ڏينھن عورتن کي اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ، حراسان ڪرڻ ، بي دردي سان قتل ڪرڻ جا واقعا اخبارن جي زينت آھن. ھتي ڪير ٻڌڻ وارو به آھي؟ پڙھڻ وارو به آھي؟ انصاف ڏيڻ وارو ڪير آھي؟مان بحيثيت ھڪ شاگردياڻي اھو حڪومت کان مطالبو ٿي ڪيان ته ان واقعي جي مڪمل غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي ۽ ايندڙ وقت لاءِ اھڙي ڪاميٽي ھر تعليمي اداري ۾ قائم ڪئي وڃي جتي انتظاميه سان گڏ شاگرد پنھنجي ساٿي شاگردن جا مسئلا ٻڌي ۽ بروقت مدد فراھم ڪرڻ ۾ اڳڀرو رھي.