آرٽسٽ روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي خلاف ڌمڪين جو ڪيس داخل

0
258

حيدرآباد:  حيدرآباد جي هٽڙي پوليس وڪيل گلزار عالماڻي جي فرياد تي آرٽسٽ روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي خلاف ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي

 وڪيل گلزارعالماڻي پنهنجي فرياد ۾ چيو آهي ته 14 جون تي موٽر سائيڪل سوار ٻٽ ٻڌل ٻن جوابدارن دروازي تي اچي موتمار ڌمڪيون ڏنيون

وڪيل جو چوڻ هو ته جوابدارن چيو ته توهان روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي خلاف قانوني ڪارروائي جي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڇو رکي آهي؟

وڪيل گلزار عالماڻي جو چوڻ آهي ته عدالت 5 جولاءِ تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ڪيس داخل نه ٿيو، توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪرائڻ تي عدالت پوليس کي ٻيهر حڪم ڏنو، عدالتي حڪم تي هٽڙي پوليس رات دير سان ڪيس داخل ڪيو

هي به پڙهندا

روبي علي سوڌو 300 ماڻهن خلاف ڪيس لاءِ درخواست داخل