قاضي احمد ڀرسان اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو، امڙ قرآن پاڪ لوڏي پٽ جو انتظار ڪرڻ لڳي

0
105
قاضي احمد ڀرسان اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو، امڙ قرآن پاڪ لوڏي پٽ جو انتظار ڪرڻ لڳي
قاضي احمد ڀرسان اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو، امڙ قرآن پاڪ لوڏي پٽ جو انتظار ڪرڻ لڳي

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد ڀرسان 2 مهينا اڳ ھرکجي اغوا ٿيل نوجوان بازياب ٿي نه سگھيو ، ڳوٺ عرس گبول مان عورتاڻي آواز  تي ھرکجي اغوا ٿيل صابر گبول ٻه مهينا گذرڻ باوجود بازياب ٿي نه سگھيو

2 مھينا اڳ موبائل تي عورتاڻي آواز  تي ڳالھه ٻولھه ڪري شادي جو آسرو ڏئي کيس پني عاقل گھرايو ويو هو

نوجوان کي شڪارپور جي ڪچي پھچايو  ويو، ڌاڙيلن سندس فون تان وارثن کي فون ڪري 40 لک رپيا ڀنگُ گھريو هو

نوجوان جي گھر ۾ ڪھرام متل،  پيرسن ماءُ پٽ جي بازيابي لاءِ قران پاڪ لوڏي ٻاڏائيندي رهي ٿي

مغوي جي امڙ جو چوڻ آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي پٽ کي ڌاڙيلن  جي چنبي مان بازياب ڪرائي اسان مان بيچيني ختم ڪئي وڃي

هي به پڙهندا

ڪراچي: عوامي ڪالوني ۾ هٿياربندن جي ڦرلٽ، پوليس پهچڻ بعد مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا