خيرپور/اڪري چودگي (نمائندن وٽان) خيرپور ۾ شهزادي حضرت قاسم عليه السلام سان منسوب کُنڀي جو قديمي ماتم جو مرڪزي جلوس مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري مان علم ۽ ذوالجناح سان گڏ برآمد ٿيو. مرڪزي جلوس ڪچهري روڊ، گل ميربحر جو پڙ، جيلاني پاڙي، حيدري بازار کان ٿيندو علي رضا شاهه جي ٿلهي تي پهتو جتي سپاهه عباس، انجمن غلامان حيدري، انجمن غلامان عباس، انجمن پاسبان علي اصغر، انجمن لشڪر عباس، انجمن باقريه سميت 50 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ماتمي جلوس مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي ويا جتي سوين عزادارن طرفان سينا زني ڪرڻ سان گڏ زنجيرن، گرزن، چاقن ۽ تلوارن جو ماتم ڪيو ويو، جنهن دوران سوين عزادار زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد ڏني وئي،  آخر ۾ عزادارن کي گهوٽ شھزادي قاسم عليه السلام ۽ حضرت علي اڪبر عليه السلام جي ميندي، دستار، سهري ۽ ٻين تبرڪن جي زيارت ڪرائي وئي. کنڀي جي قديمي ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا. جڏهن ته کنڀي جي قديمي ماتم سبب خيرپور شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موبائل فون سروس پڻ معطل رهي.ٻي طرف   اڪري چودڳي ۾ 100 سالا قديمي تاريخي ماتم جي سلسلي ۾  درگاھ سيد ابراهيم شاھ بخاري تي 6 محرم جوکنڀي جو ماتم برپا ڪيو ويو، تاريخي ماتمي جلوس دوران  ذوالجناح جي  زيارتن سان گڏ عزاداري ۽ نوحاخواني مجلس عزا پڻ منقعد ڪئي وئي، علائقي مختلف امام بارگاهن ڳوٺن پڙن تان ماتمي قافلن جا جلوس اڪري ڇودڳي شهر جي مک چوڪ تي پهتا جتي مجلس عزا ۽ نوحاخواني بعد سون جي تعداد ۾ مومنين ضرب جو ماتم ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. جنهن دوران ڪيترائي عزادار زخمي ٿي پيا.