آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو حڪم، ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ

0
601

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي 6 مهينن ۾ 949 هيڊ ماسترن کان ٽيسٽ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي، ٻڌڻي دوران تعليم کاتي طرفان عدالت آڏو لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو، عدالت حڪم ڏنو ته سمورن هيڊ ماسترن جا تفصيل ٻن هفتن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي مهيا ڪيا وڃن، سنڌ هاءِ ڪورٽ سمورن هيڊ ماسترن جي ڪانٽريڪٽ ۾ 6 مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي.