گهر مان 98 نانگ هٿ، علائقي ۾ خوف ڦهلجي ويو، جوڳين پڪڙي ورتا

0
623

ممبئي (دلچسپ نيوز) گهر مان 98 نانگ هٿ، علائقي ۾ خوف ڦهلجي ويو، جوڳين پڪڙي ورتا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مهاراشٽر جي هڪ ڳوٺ ۾ غسل خانو ٽوڙي ٻيهر تعمير ڪيو پئي ويو ته مزدورن نانگ ڏسي ورتا، نانگ پاڻي جي هڪ ڊرم ۾ موجود هئا، جن کي ڏسي مزدور پوئتي هٽي ويا، جنهن بعد اطلاع تي سوين ڳوٺاڻا پڻ ان هنڌ پهچي ويا، ڳوٺاڻن وڏي مڙسي ڪري ڊرم هٽايو ته ان جي هيٺ به وڏي انگ ۾ نانگ نڪري آيا جنهن سبب خوف ڦهلجي ويو، ماڻهو رڙيون ڪندي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا، بعد ۾ ڳوٺاڻن ويجهو ئي رهندڙ جوڳين کي اطلاع ڏئي گهرائي ورتو، جوڳين ڄاڻايل گهر پهچي مرليون ۽ بينون وڄائي سمورن نانگن کي پڪڙي بوتلن ۾ وڌو، انهن جو انگ 98 ٻڌايو ويو. جوڳين جو چوڻ هو ته هٿ آيل نانگ پاڻي وارا آهن انهن ۾ زهر نه هوندو آهي، وڏي انگ ۾ هجڻ سبب اهي خوف جو سبب بڻيا آهن. ٻئي طرف گهر جو ڪم ڪندڙ مزدورن جو چوڻ هو ته هنن ايتري وڏي انگ ۾ نانگ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا انڪري کين خوف ٿيو پهرين ته اسان انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر بعد ۾ جڏهن ٻيا نانگ نڪتا ته پوءِ هو هٽي ويا. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ۾ اڳ ڪڏهن به نانگ موجود نه هئا، گهر مان ايتري انگ ۾ نانگ نڪرڻ سبب حيرت ٿي آهي.