سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ ٽرائل لاءِ حراست ۾ ورتل 103 جوابدارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

0
35
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي لکيل خط جي اوپن ڪورٽ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي لکيل خط جي اوپن ڪورٽ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ ٽرائل لاءِ حراست ۾ ورتل 103 جوابدارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي هلائي

 ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي درخواست گذار رٽائرڊ جسٽس جواد ايس خواجا جي وڪيل بينچ جي سائيز تي اعتراض واري ڇڏيو، وڪيل خواجا احمد حسين 9 رڪني لارجر بينچ جوڙڻ جي استدعا ڪري ڇڏي

 خواجا احمد حسين چيو ته 5 رڪني بينچ متفقه فيصلو ڏيندي ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، 6 رڪني بينچ ان کي ٻن جي ڀيٽ ۾ 4 ججز جي اڪثريت سان ڪالعدم قرار ڏنو ته فيصلو تڪراري ٿي ويندو، عدالت اٽارني جنرل کان حراست ۾ موجود 103 ڄڻن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

 جسٽس امين الدين خان رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌايو ته ڪيترن جوابدارن کي ڪيتريون سزائون ٿيون آهن؟ اهو به ٻڌايو ته ڪيترا جوابدار بري ٿيا آهن؟ اٽارني جنرل ٻڌايو ته ٽرائل مڪمل ٿي چڪو آهي پر عدالت حتمي فيصلي کان روڪيو هو

عدالت چيو ته توهان هدايتون وٺي اچو، ٻڌڻي دوران ڪي پي حڪومت فوجي عدالتن ۾ شهرين خلاف ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف داخل اپيلون واپس وٺڻ جي استدعا ڪري ڇڏي، ڪي پي حڪومت جي وڪيل صوبائي ڪابينا جي قرارداد عدالت ۾ پيش ڪئي

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڪابينا جي قرارداد تي ته اپيلون واپس نه ٿا وٺي سگهون، اپيلون واپس وٺڻ لاءِ باضابطه درخواست داخل ڪيو، عدالت ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي