رستم ڀرسان موبائل ملڻ تي جوابدار ڌيءُ کي قتل ڪري لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائي ڇڏيو

0
38
شڪارپور ويجهو ڌاڙيلن جو پوليس موبائل تي راڪيٽن سان حملو، 3 اهلڪار زخمي
شڪارپور ويجهو ڌاڙيلن جو پوليس موبائل تي راڪيٽن سان حملو، 3 اهلڪار زخمي

چڪ(ن پ ا) رستم ٿاڻي جي ڳوٺ فضل علي جتوئي ۾ جوابدار پيءُ عطا محمد جتوئي ساٿين جي مدد سان پنهنجي نوجوان ڌيءُ (ز) خاتون کي موبائل رکڻ تان احسان ڪمالاڻي سان ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪري لاش بنا ڪفن جي ڳجهه ڳوهه ۾ دفن ڪري ڇڏيو، رستم پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ان سلسلي  ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ناري وٽ مبينا طور موبائيل فون هٿ اچڻ تي موبائل فون مان احسان ڪمالاڻي جتوئي جو نمبر هٿ اچڻ تي ناري کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري لاش گم ڪيو ويو واقعي بعد الزام هيٺ آيل نوجوان ڳوٺ مان فرار ٿي ويو آهي

هوڏانهن رستم پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع مليو آهي جاچ ڪري قتل ٿيل ناري جو لاش هٿ ڪيو ويندو ان بعد سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو ٻئي طرف معلوم ٿيو ته پوليس سان مامرو طئي ٿيڻ بعد ناري کي قتل ڪري لاش گم ڪيو ويو آهي