حريم شاهه کي ڌمڪيون ۽ بليڪ ميلنگ، اسڪاٽ لينڊ يارڊ تحفظ فراهم ڪري ڇڏيو

0
109

لنڊن (شوبز نيوز) حريم شاهه کي ڌمڪيون ملڻ ۽ بليڪ ميلنگ بعد اسڪاٽ لينڊ يارڊ تحفظ فراهم ڪري ڇڏيو، پوليس تصديق ڪئي آهي ته هتان جي ڪجهه ماڻهن طرفان ڌمڪيون ملڻ بعد اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ذريعي ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي

لنڊن پوليس ترجمان تصديق ڪندي چيو ته حريم شاهه جنهن جو اصل نالو فضا آهي، پوليس کي ڪجهه ماڻهن متعلق ڪيل شڪايت ۾ الزام لڳايو هو ته هُن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي ۽ هُن کي بليڪ ميل ڪندي ڌمڪيون ملي رهيون آهن

حريم شاهه ڪجهه ماڻهن سان اختلافن بعد پوليس سان رابطو ڪيو هو، جن سان هن جو مانسچسٽر ۾ تعارف ٿيو ۽ هوءَ ان سان گڏ رهي هئي

واضح رهي ته گذريل هفتي حريم شاهه جون ڪجهه وڊيوز ۽ تصويرون گمنام اڪائونٽس جي ذريعي سوشل ميڊيا تي جاري ٿيون هيون

هي تڪرار برطانوي پاڪستانين جي هڪ گروپ پاڪستاني ميڊيا جي ميمبرن سان رابطو ڪرڻ بعد شروع ٿيو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو ته حريم شاهه مانچسٽر ۾ 6 هزار پائونڊ چوري ڪري ورتا ۽ شهر کان لنڊن فرار ٿي وئي