پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي پيش ڪرڻ لاءِ پراڊڪشن آرڊر جاري

0
49
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي پيش ڪرڻ لاءِ پراڊڪشن آرڊر جاري
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي پيش ڪرڻ لاءِ پراڊڪشن آرڊر جاري

اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي پيش ڪرڻ لاءِ پراڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج طاهر عباس سپرا ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي دوران پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا، باني پي ٽي آءِ جو وڪيل خالد يوسف چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو

 عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي  بي کي 4 اپريل تي پيش ڪيو وڃي، ساڳي عدالت پي ٽي آءِ باني خلاف 6 ڪيسن ۽ بشريٰ بي بي خلاف جعلي رسيدن واري ڪيس جي ٻڌڻي 4 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 عدالتي حڪم باوجود پي ٽي آءِ باني جي وڊيو لنڪ ذريعي حاضري نه لڳائي وئي، توهين عدالت جي نوٽيس تي اڊيالا جيل جي اختيارين رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

 رپورٽ ۾ چيو ويو ته سرور ڊائون هئڻ سبب وڊيو لنڪ ذريعي حاضري ممڪن نه ٿي سگهي، عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي به 4 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي