سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاهرا

0
47
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاهرا
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاهرا، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم  پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا

هندو برادري، شهرين ۽ شاگردن پاران مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن،  پريا ڪماري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو

دادو، ڪنري، بخشاپور، پٿورو، نئون  ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون  ڪڍي احتجاج ڪيو ويو

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، پوليس پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سنجيده ناهي

اڳواڻن چيو ته روز معصوم ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، ڪچي ۾ آپريشن نالي ماتر ٿي رهيو آهي، پريا ڪماري سوڌو سڀني مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي