قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور

0
47
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور

قومي اسيمبلي  جي اجلاس ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو

غزه جي مسلمانن تي ظلم خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي سربراهي ۾ 48 منٽ دير سان شروع ٿيو

آرڊيننس جي حق ۾ 130 ۽ مخالفت ۾ 63 ووٽ وڌا ويا، اپوزيشن حڪومت جا آرڊيننس رد ڪري ڇڏيا، پيپلز پارٽي پاران آرڊيننس تي اعتراض

ن ليگ جي اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان آرڊيننسز جي منظوري بعد قانونسازي ڪري ايوان کي اعتماد  ۾ وٺنداسين، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته  اسان آرڊيننسز کي رد ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايون ٿا

اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته نجڪاري بابت آرڊيننس پيش ڪيو  ويو آهي، ن ليگ وارن کي پاڻ کي ئي خبر ناهي ته ڇا ڪري رهيا آهن، اسپيڪر مخصوص سيٽن تي چونڊيل 5 عورتن کي حلف کڻايو، ايوان ۾ حلف کڻندڙ ميمبرز جو انگ 316 ٿي ويو