ڪرمپور جي ڪچي مان هڪ ڄڻو اغوا، ٻن کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو

0
36
ڪرمپور جي ڪچي مان هڪ ڄڻو اغوا، ٻن کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو
ڪرمپور جي ڪچي مان هڪ ڄڻو اغوا، ٻن کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو

ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور جي ڪچي مان هڪ ڄڻو اغوا، ٻن کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو، ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري  علائقي مان مهمان ٿي آيل هڪ ڄڻو اغوا ٿي ويو، ٻن کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته دوست جي دعوت کائڻ لاءِ پهتل مراد چاچڙ، عبدالڪريم ۽ پيرل چاچڙ  کي هٿياربند اغوا ڪيو

ڳوٺاڻن موجب اغوا جي اطلاع تي هٿياربندن جو پيڇو ڪري مراد چاچڙ ۽ پيرل کي ڇڏائي ورتو، هٿياربند عبدالڪريم کي ڪچي طرف کڻي ويا

واقعي جو اطلاع ملڻ بعد ناپرڪوٽ پوليس ڪچي طرف رواني ٿي وئي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ڳوٺاڻن پاران ڪچي طرف هرکجي ايندڙن کي اپيل ڪئي وئي ته ڪچي طرف ڪير به نه وڃي