معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا

0
40
معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا
معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا جاري آهن

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا پيا وڃن

لاڙڪاڻو، هالا سميت مختلف شهرن ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون، پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 3سال گذرڻ باوجود پوليس پريا ڪماري  کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي سنجيده  ڪوششون ناهن ورتيون، معصوم نياڻي جي گهر ۾ قهرام متل آهي

اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي باهه ٻري وئي آهي، گهرن ۾ به ماڻهو محفوظ ناهن، رستن تي هلان ڪري ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، ٻارڙيون اغوا ٿي رهيون آهن، پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي