وفاقي حڪومت جو ججز جي خط جي معاملي تي انڪوائري ڪرائڻ جو اعلان

0
46
وفاقي حڪومت جو ججز جي خط جي معاملي تي انڪوائري ڪرائڻ جو اعلان
وفاقي حڪومت جو ججز جي خط جي معاملي تي انڪوائري ڪرائڻ جو اعلان

وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز طرفان سپريم جڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط واري معاملي جي انڪوائري جو اعلان ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز طرفان سپريم جڊيشل ڪائونسل کي لکيل خط واري معاملي جي انڪوائري جو اعلان ڪري ڇڏيو

 وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته  ججز جي  لکيل خط واري معاملي تي انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جو اصولي فيصلو ٿيو آهي

 اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم  نذير تارڙ چيو ته  اهو معاملو عدليه تي ڇڏيون ٿا ته مس ڪنڊڪٽ آهي يا نه؟ سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ معاملو رکيو ويندو

قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم واضح چيو آهي ته ادارتي مداخلت نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم جو عزم آهي ته ملڪ قانون ۽ آئين تحت هلي، تاريخ فيصلو ڪندي آهي ته ڪير غلط ۽ ڪير صحيح آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز طرفان لکيل خط واري معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات بعد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس جاري

اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جا سمورا ججز شريڪ، اجلاس ۾ ججز جي خط تي غور، خط جي آئيني ۽ قانوني حيثيت جو جائزو، ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ملاقات لاءِ سپريم ڪورٽ پهتو

 ٻنهي شخصيتن وچ ۾ هڪ ڪلاڪ 20 منٽن تائين ملاقات جاري رهي، ذريعن موجب  وزيراعظم ۽ چيف جسٽس جي ملاقات ڪميٽي روم ۾ ٿي

 اهم ملاقات  ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه، وزير قانون  اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان به شريڪ هئا، ذريعن موجب  ملاقات ۾ ججز جي خط تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏ وزيراعظم ٽيڪسز  بابت ڪيسز جي جلد فيصلن جي درخواست ڪئي