ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 280.40 رپين تي پهتو: سون 1500 رپيا مهانگو: اسٽاڪ مارڪيٽ نئين بلندي تي پهتي، ان ڏس ۾  ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 1500 رپيا واڌ سان  229500 مان 231000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 14 ڊالرن جي واڌ سان 2214 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 20 پئسا لاٿ سان 280.6 مان 280.40 ۽ انٽر بينڪ ۾ هڪ پائي جي اضافي سان 278.03 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 2580، پائونڊ 357.25 ۽ يورو 302.75 رپين تي بيٺل رهيا، ٻئي پاسي  اسٽاڪ مارڪيٽ  617 پوائنٽن جي اضافي سان 67165 پوائنٽن  واري بلند سطح تي پهچي وئي