کيبر (ن پ ا) کيبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪڻڪ جا سرڪاري خريداري مرڪز نه کلي سگهيا آهن،  آبادگارن عبدالحڪيم نوحپوٽو، احمد ڏاهري، الله بچايو ملاح، ظهور احمد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته منافعي خور واپاري3200 رپين ۾ ڪڻڪ جو في مڻ خريد ڪري نقصان ڏئي رهيا آهن، شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سرڪاري خريداري مرڪز کولي نقصان کان بچايو وڃي.