سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عرضي ڀٽو ۾ ڀٽا برادري جي چاچن ۽ ڀائيٽين ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ سبب عورتن ٻارن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا، جوابدارن گاڏي کي ڏنڊا ھڻي شيشا ڀڃي ڇڏيا، ٻه ڄڻا معمولي زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي جھيڙو پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏي، ھوڏانھن جاويد ڀٽو احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي والد ۽ ڏاڏي جي ملڪيت آهي، چاچا عبدالوھاب ڀٽو جھيڙو ڪري منهنجي گاڏي جا شيشا ٽوڙي مونکي تشدد ڪري گهران ڪڍي رھيا آهن، امن پسند ماڻهوَ آهيان، ھوڏانھن الزام هيٺ آيل عبدالوهاب ڀٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جاويد ڀٽو منھنجو ڀائٽيو آهي، جنھن اسان جي پوري ملڪيت گھر، اوطاق ۽ زرعي زمين تي قبضو ڪري 40 ايڪڙ زمين وڪرو ڪري ڇڏي آهي، اهڙا 2 ڪيس سجاول جوڻيجو ٿاڻي تي داخل ٿيل آهن، پر ايس ايڇ او معشوق شر ڌر ڀر وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آھي، انصاف فراھم  ڪيو وڃي. ھوڏانھن  ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو رابطي تي ٻڌايو ته چاچي ڀائيٽي ۾ ملڪيت جو تڪرار ھلندڙ آهي، اڳ به ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي ھئي اسان ڪوشش ڪري جھيڙي  کي ٽاريندا اچون ٿا، ايس پي قمبر محمد ڪليم ملڪ صاحب کي ٻڌايو آھي جنهن ٻنهي ڌرين کي پاڻ وٽ گهرايو آهي، وڌيڪ جيڪو مٿان حڪم مليو ان تي عمل ٿيندو،