جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر پوليس باءِ پاس تي شنبي شاهه چوڪي وٽ بلوچستان کان ايندڙ ايل پي جي گيس بوزر رجسٽريشن نمبر  JW1018 کي روڪي ورتو جنهن مان 30 هزار لٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي پوليس پاران پڪڙيل ايراني ڊيزل جي رقم ڪروڙين روپيا ٻڌائي پئي وڃي پوليس ايراني ڊيزل اسمگلنگ ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪوئيٽا واسي غلام محمد ڪرد ۽ ٽنڊو آدم واسي جهانزيب دراني کي گرفتار ڪري سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او صدر ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي ايراني ڊيزل بلوچستان کان پنجاب طرف اسمگلنگ ٿي رهيو هو جيڪا ڪوشش ناڪام بڻائي 30 هزار لٽر ايراني ڊيزل ۽ 2 اسمگلر گرفتار ڪيا ويا آهن جن خلاف سرڪار جي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي