سجاول جوڻيجو (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي سجاول جوڻيجو جي ملازمن خالد حسين مگسي، صدام شيخ، اسد الله ڀٽو، قمرالدين مھيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين رتوديرو- شھدادڪوٽ روڊ تي پنجين ڏينھن به ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پيپلزپارٽي سجاول جوڻيجو کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. پگهارون نه ملڻ سبب ٻچن لاءِ عيد خريداري به نه ڪري سگهيا آهيون، احتجاج باوجود ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي.