خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ضلعي انتظاميه پاران يوم شهادت حضرت امام علي عليه السلام جي سلسلي ۾ فول پروف حفاظتي انتظامن، صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽ، داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ سخت ڪرڻ ۽ شهادت حضرت امام علي عليه السلام جي حوالي سان ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان ڏس ۾ اهم گڏجاڻي ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد احمد فواد شاهه جي صدارت هيٺ ٿي. ايس ايس پي زبير نظير شيخ، اي ڊي سي ون جواد احمد لاڙڪ، اي ڊي سي غضنفر شاهه، ڊي آئي بي انچارج علي گل ملاح سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن، سيپڪو، ميونسپل ڪاميٽين، لوڪل گورنمينٽ، صحت، انفارميشن ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن توڙي مذهبي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمين امن ڪاميٽي سيد احمد فواد شاهه چيو ته حضرت امام علي عليه السلام، اسلام جي سربلندي ۽ نفاذ لاءِ جيڪو ڪردار پيش ڪيو، هو اهو سمورن مسلمانن توڙي انسانن لاءِ هڪ پيغام ۽ مشعل راهه آهي، هن چيو ته شهادت حضرت امام علي عليه السلام جي موقعي تي روينيو، پوليس ۽ رينجرز پاران گڏيل طور ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو. هن سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته شهادت واري ڏينهن جي پروگرام ۾ ڪانٽيجنسي پلان تي عملدرآمد ڪندي تفصيلي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي زبير نظير شيخ چيو ته يوم شهادت حضرت امام علي عليه السلام جي موقعي تي ضلعي ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن، مجلسن، ماتمي جلوسن جي گذرگاهن، امام بارگاهن جي آس پاس ۽ ٻين هنڌن تي جتي به شهادت حضرت امام علي عليه السلام جا پروگرام ٿيندا اتي حفاظتي اپائن بابت هو پاڻ انتظامن جي نگراني ڪندو، مذهبي ادارن ۽ اڳواڻن سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو، ضلعي امن ڪاميٽي ۽ سب ڪاميٽين کي فعال رکيو ويندو جڏهن ته ضلعي پوليس پاران ضلعي ۾ ٿيندڙ جلوسن ۽ مجلسن لاءِ 1700 پوليس آفيسر توڙي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. ڊي آءِ بي انچارج علي گل ملاح گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ته ڪانٽيجنسي پلان تحت موبائل فورس، ايگل اسڪواڊ ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو. گڏجاڻي ۾ مذهبي اڳواڻن سميت ٻين آفيسرن پاران گذارشون ۽ سفارشون پيش ڪيون ويون ۽ گڏيل طور سمورن اپائن تي عملدرآمد ۽ سهڪار جو يقين ڏياريو ويو.