ڪراچي: 16 ورهين جي عمر ۾ پهريون معاوضو 5 لک رپيا مليو: ڪنزا هاشمي

0
130
ڪراچي: 16 ورهين جي عمر ۾ پهريون معاوضو 5 لک رپيا مليو: ڪنزا هاشمي
ڪراچي: 16 ورهين جي عمر ۾ پهريون معاوضو 5 لک رپيا مليو: ڪنزا هاشمي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ڪنزا هاشمي چيو آهي ته 16 ورهين جي عمر ۾ کيس پهريون معاوضو 5 لک روپيا مليو هو

ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اداڪارا ڪنزا هاشمي ٻڌايو ته کيس پهريون معاوضو اڄ کان 10 سال اڳ 5 لک رپيا ڏيڻ جو چيو ويو هو جيڪو هن لاءِ ان وقت تمام گھڻو هو

اداڪارا ٻڌايو ته ان وقت منهنجي عمر 16 سال هئي، معاوضو ٻڌي آئون حيران ٿي وئي هيس پر آئون ظاهر ايئن ڪرايو هو ته ڄڻ 5 لک رپيا معاوضو مون لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي ان کان پوءِ مون کي 5 لک رپيا معاوضو پورو ادا ڪيو ويو

پنهنجن مداحن بابت سوال تي ڪنزا هاشمي جو چوڻ هو ته منهنجو هڪ مداح ڊليوري بواءِ آهي جنهن وٽ منهنجو آرڊر جڏهن به ايندو آهي ته هو مون لاءِ آرڊر سان گڏ ڪجهه نه ڪجهه ضرور وٺي ايندو آهي