سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار )  لعل شھباز قلندر جو 772 ھون سالياني عرس مبارڪ واريون تقريبون پڃاڻي تي پھتيون، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ قلندر لال شھباز  جي 772 ھين عرس مبارڪ جي آخري ڏهاڙي  مزار تي چادر چاڙھي ۽ ملڪ جي خوشحالي ۽ استحڪام  لاءِ  دعا گھري.   قلندر جي ميلي جي آخري ڌمال تي به عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان ھو، عقيدت مند جلوس ڪڍي قلندري ڌمالون ھڻي وجداني ڪيفيت ۾ رقص ڪندي قلندر جي مزار تي عقيدت جو اظھار ڪرڻ ۾ مصروف رھيا جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل لکين زائرين درگاھ قلندر جي مزار تي حاضري ڏيڻ بعد واپس پنھنجي ماڳن طرف روانو ٿيڻ وقت آکين مان لڙڪ لاڙي ويٺا ھنن عقيدتمندي جو اظھار ڪندي چيو ته زندگي رھي ته ايندڙ سال وري ميلي تي اينداسين. ھنن چيو ته لعل شھباز قلندر جي ميلي ۾ ٽي ڏينهن ايئن گذري ويا جو خبر ئي پئجي نه سگھي پر جڏھن اڄ واپس پنھنجي گھر طرف پيا ٿيون ته دل چوي ٿي ته ھميشه قلندر تي رھجي وڃجي.  ادبي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ چئرمين شهباز ميلا ڪاميٽي  ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ خصوصي شرڪت ڪئي .ادبي ڪانفرنس ۾  نامور اديبن محققن جن ۾ نظير حيات سيوهاڻي، مير حاجن مير خيرمحمد ٻرڙو، سڪينا  ، عزيز قاسماڻي ، انور ساگر ڪانڌڙو ۽ ٻين مقالا پڙهي ماحول کي مهڪائي ڇڏيو. ڪانفرنس دوران سنڌ جي ناميارن فنڪارن صنم ماروي، تاج مستاني،  طفيل سنجراڻي  شمن ميرالي ممتاز ڪنول ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

 

قلندر هڪ وجداني ڪيفيت يا سوچ آهي: اديب/ليکڪ

سيوهڻ: ادبي ڪانفرنس ۾  نامور اديبن محققن جن ۾ نظير حيات سيوهاڻي، مير حاجن مير خيرمحمد ٻرڙو، سڪينا ميڊم، عزيز قاسماڻي ، انور ساگر ڪانڌڙو ۽ ٻين مقالا پڙهندي چيو ته قلندر هڪ وجداني ڪيفيت يا سوچ آهي، قلندر تي تحقيق ۽ ان جي فڪر، سوچ ۽ تصوف تي ڪم جي ضرورت آهي، ته جيئن اسان قلندر جي وڌيڪ معرفت حاصل ڪري سگهون . هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ تاريخي ۽ ثقافتي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿي ۽ سر زمين سنڌ پيرن فقيرن ولين صوفين  ۽ بزرگن  سان ڀري پئي آهي.جتان امن پيار ۽ محبت جو درس ملي ٿو. اها سنڌ ئي آهي جتي سچل سر مست،  شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ قلندر لعل شهباز جهڙن صوفي بزرگن جون آخري آرام گاهون موجود آهن. منور علي مهيسر چيو ته   قلندر اڄ به اسان جي دلين ۾ موجود آهي. قلندري ڌمال جو انسان سان روحاني رشتو آهي، جنهن سان هڪ عارف وجداني ڪيفيت ۾ محو ٿي وحدانيت ۾ ضم ٿي ويندو آهي.ادبي ڪانفرنس دوران مير حاجن مير جي ڪتاب سيوهڻ تي ڪاهون  حملا ۽ حڪومتون ڪتاب جي مهورت پڻ ڪئي وئي.

 

ميلي جي آخري ڏهاڙي ملاکڙو: منٺار بگٽي ملهه ماري ويو

سيوھڻ: لعل شهباز قلندر جي ٽن ڏينھن واري عرس جي آخري ڏينهن پڻ سيوھڻ شريف جي ملاکڙا گرائونڊ ۾ ملھه پھلوانن زور آزمائي جا جوھر ڏيکاريا، مقابلي ۾ پھرين جوڙ جي ملھه پھلوان منٺار بگٽي پھرين پوزيشن ماڻي، محسن بھڻ ٻين پوزيشن ۽ ٽڪر لغاري ٽين پوزيشن ماڻي ورتي. ڪامياب ملھه پھلوانن کي اسپورٽ آفيسر مظھر الدين خاصخيلي  بوسڪي جو پٽڪا ٻڌرايا ۽ ايوارڊ سميت ڪيش انعام پڻ ڏنا.

 

درگاهه قلندر ميندي آڻڻ جي رسم ادا ڪئي وئي

سيوھڻ: حضرت سخي لعل شھباز قلندر جي عرس مبارڪ جي ٽئي ڏھاڙي تي لعل داس جي ڪافي  تان فقير آسن گل پاران درگاھ قلندر ميندي آڻڻ جي رسم ادا ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف ڪافين جي سرگروھن سميت وڏي انگ ۾ فقيرن ۽ شھرين ۽ عقيدتمندن شرڪت ڪئي.