ڪير ٿيندو ملڪ جو نئون وزيراعظم؟ قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ جو عمل جاري

0
40
ڪير ٿيندو ملڪ جو نئون وزيراعظم؟ قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ جو عمل جاري
ڪير ٿيندو ملڪ جو نئون وزيراعظم؟ قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ جو عمل جاري

ڪير ٿيندو ملڪ جو نئون وزيراعظم؟: قوم کي بي صبريءَ سان انتظار، پاڪستان جي 33 هين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي، ووٽنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي

 ن ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ پي ٽي اڳواڻ عمر ايوب ۾  دنگل، اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۽ ن ليگي ميمبرز جي هڪ ٻئي خلاف نعريبازي، اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ وزيراعظم جي چونڊ لاءِ اسيمبلي جو اجلاس هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو

 اجلاس ۾ ن ليگ طرفان نامزد وزيراعظم شهباز شريف، ن ليگ سربراهه نواز شريف، اڳوڻو صدر آصف زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، سني اتحاد ڪائونسل جو نامزد وزيراعظم عمر ايوب، اسد قيصر، عامر ڊوگر ۽ ٻيا ميمبرز موجود آهن

 اجلاس شروع ٿيندي ئي سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر اسپيڪر جي ڊائس آڏو پي ٽي آءِ باني جا پورٽريٽ کڻي گڏ، چور چور جا نعرا،  وزيراعظم جي اميدوار شهباز شريف کي پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي حمايت حاصل آهي

 عمر ايوب پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا سني اتحاد ڪائونسل جو اُميدوار نامزد، 336 ميمبرز جي ايوان ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ 169 ووٽ گهربل، وزارتِ عظميٰ لاءِ ن ليگ ۽ اتحادين وٽ 200 ووٽ هجڻ جي دعويٰ، پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا سني اتحاد ڪائونسل 92 ووٽن جي دعويدار بڻيل

جي يو آءِ چونڊن کان لاتعلق آهي، وزيراعظم جي چونڊ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ جو سلسلو جاري آهي، ميمبرز ووٽ ڪاسٽ ڪري رهيا آهن