ڪال 3 دفعا نه کڻڻ تي نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيندي آهيان: بشريٰ

0
77
ڪال 3 دفعا نه کڻڻ تي نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيندي آهيان: بشريٰ
ڪال 3 دفعا نه کڻڻ تي نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيندي آهيان: بشريٰ

ڪراچي(شوبز نيوز) سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري چيو آهي ته جيڪڏهن ڪير اوهان کي نظرانداز ڪري ته ان کي محبت کان الڳ ڪري ڇڏيو

بشريٰ انصاري پنهنجي يوٽيوب چئنل تي مداحن لاءِ وڊيوز اپلوڊ ڪندي رهندي آهي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي پرستارن کي نصحيت ڪرڻ سان گڏوگڏ زندگي جي مختلف پهلوئن تي گفتگو ڪندي آهي

ويجهڙ ۾ اداڪارا طرفان هڪ وڊيو اپلوڊ ڪئي وئي جنهن ۾ هن پنهنجي مداحن کي مشورو ڏنو ته جيڪڏهن ڪير اوهان کي نظر انداز ڪري ته اوهان کيس محبت سان الڳ ڪري ڇڏيو . اداڪارا ٻڌايو ته ڪجهه اهڙيون ڪالز اينديون آهن جيڪي ناهيان کڻندي پر جيڪڏهن اوهان سان محبت ڪندڙ اوهان جي فون نه کڻن ته ان جو مطلب آهي ته اوهان ان لاءِ ضروري نه آهيو

هن چيو ته ٽي ڀيرا فون ڪرڻ تي جيڪڏهن ڪير سندس فون ناهي کڻندو ته هوءَ نمبر بلاڪ ڪري ڊليٽ ڪري ڇڏيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هوءَ نوجوانن کي ٿوري رعايت ڏئي ٿي ڇو ته وٽن ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا ڪم هوندا آهن انڪري ڪال مِس ٿي سگهي ٿي