ساٿي اداڪار سين کان اڳ بسم الله پڙهڻ کان روڪيو هو: اقرا عزيز

0
68
ساٿي اداڪار سين کان اڳ بسم الله پڙهڻ کان روڪيو هو: اقرا عزيز
ساٿي اداڪار سين کان اڳ بسم الله پڙهڻ کان روڪيو هو: اقرا عزيز

ڪراچي(شوبز نيوز ) پاڪستان جي ور اسٽائيل اداڪارا اقرا عزيز چيو آهي ته هڪ دفعي کيس سينيئر اداڪار ڊرامي جي سين کان اڳ بسم الله پڙهڻ کان روڪيو هو

اداڪارا اقرا عزيز جي هڪ پراڻي انٽرويو جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ميزبان کائنس سوال پڇيو ته ڪڏهن ڪنهن سينيئر اداڪار يا اداڪارا سيٽ تي ڪنهن قسم جي تنقيد يا چيو ته اوهان سينيئرز جي عزت نٿا ڪيو يا اوهان کي تميز نه آهي؟ جواب ۾ اقرا عزيز ٻڌايو ته اهڙو ڪو واقعو ته کيس ياد ناهي پر سندس هميشه کان عادت رهي آهي ته هوءَ ڪو به ڪم شروع ڪرڻ کان پهريان بسم الله پڙهندي آهي

هن چيو ته هڪ دفعي سيٽ تي سين شروع ٿيڻ کان اڳ بسم الله پڙهي ته هڪ سينيئر اداڪار چيو ته ائين ناهي، سين کان اڳ بسم الله ناهي پڙهبي، جنهن تي مان دنگ رهجي ويس ۽ کائنس سبب پڇڻ لڳيس

اقرار موجب، ان اداڪار چيو ته سندن ڪم ڪوڙ تي ٻڌل آهي ڪوڙ کان اڳ بسم الله ناهي پڙهبي، ان وقت سندس ڳالهه تي عمل ڪيو پر دل ۾ سوچيو ته هي منهنجو روزگار آهي، مان ته بسم الله پڙهنديس