اڊيالا جيل کانپوءِ ميانوالي، ڊي جي خان ۽ اٽڪ جيل تي دهشتگرد حملن جو خدشو

0
47

سڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي پنجاب جي گهرو کاتي پنجاب جي جيلن ۾ سڪيورٽي وڌائڻ لاءِ آءِ جي جيل کي خط موڪلي ڇڏيو آهي

ذريعن موجب گهرو کاتي پاران آءِ جي جيل کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته اڊيالا جيل، اٽڪ جيل، ميانوالي جيل ۽ ڊي جي خان ۾ سڪيورٽي جا خطرا موجود آهن، مختلف انٽيليجنس ۽ سڪيورٽي ادارن ٿريٽ الرٽ بابت آگاهه ڪيو آهي

خط ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد گروپ ملڪ دشمن عناصر جي مدد سان ٽارگيٽيڊ حملا ڪري سگهن ٿا، حملن جو مقصد ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، موجوده صورتحال تي فوري طور تي ايڪشن جي ضرورت آهي

خط ۾ آءِ جي جيل پنجاب کي هدايت ڪئي وئي آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد سان جيلن ۾ سرچ آپريشن ڪيو وڃي، ٻن هفتن تائين جيلن ۾ ملاقاتون ۽ دورا ڪيا وڃن، جيلن جي ٻاهرئين حدن ۾ ڪنڊيدار تارون لڳايون وڃن

آءِ جي جيلن کي موڪليل خط ۾ گهرو کاتي کي اڊيالا سميت ٻين جيلن ۾ به سڪيورٽي جا انتظام فوري طور وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

واضح رهي ته پنجاب حڪومت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اڊيالا جيل وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو

پنجاب جي گهرو کاتي خيبرپختونخواهه جي ڊپٽي سيڪريٽري جڊيشل کي خط لکيو آهي ته سڪيورٽي خدشن سبب اڊيالا سميت ٻين جيلن جو دورو ۽ قيدين سان ملاقات تي عارضي پابندي لڳائي وئي آهي

خط ۾ چيو ويو آهي ته اهي قدم ملڪ دشمن عنصرن جي عزائم کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ناگزير آهن، تنهن ڪري ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي جيل جو دورو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وڃي

خط ۾ جيل جي آءِ جي جي خط جو حوالو به ڏنو ويو، جنهن ۾ اڊيالا جيل، اٽڪ، ميانوالي ۽ ڊي جي خان جيل ۾ سيڪيورٽي خطرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي

ان کان علاوه گذريل ڏينهن اڊيالا جيل پهچي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، فردوس شميم نقوي، عاطف خان ۽ شهرام ترڪئي کي به عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ هو ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سڪيورٽي سبب ملاقات تي پابندي آهي
سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل به موجود ناهي، ٻئي طرف بئريسٽر گوهر ۽ عمر ايوب جي عمران خان سان ملاقات جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته هو ان حوالي سان مناسب حڪم جاري ڪندا