شادي کان اڳ منهنجا والدين صاحبه کان ڊڄندا هئا: ريمبو جو انڪشاف

0
63
شادي کان اڳ منهنجا والدين صاحبه کان ڊڄندا هئا: ريمبو جو انڪشاف
شادي کان اڳ منهنجا والدين صاحبه کان ڊڄندا هئا: ريمبو جو انڪشاف

لاهور(شوبز نيوز)پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار ريمبو (افضال خان) انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجي مرحوم والدين شادي کان اڳ زال صاحبه کان گهڻو ڊڄندا هئا. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته صاحبه جي والده کي متاثر ڪرڻ لاءِ  وڏي محنت ڪرڻي پئي. 4 سالن تائين ميڊم نشو سان گڏ ڪم ڪيو ۽  پوءِ وڃي ڌي جو رشتو ڏيڻ لاءِ راضي ٿي

جڏهن منهنجو ۽ صاحبه جو رشتو پڪو ٿي ويو هو وري منهنجا والدين صاحبه کي ننهن ڪرڻ کان ڊڄي رهيا هئا. ڇو جو صاحبه وڏي خاندان جي مشهور اداڪاره هئي جڏهن ته منهنجا والدين سادا هئا ۽ منهنجي خاندان جو پري پري تائين شوبز انڊسٽري سان ڪو به تعلق نه هو.  هڪ سوال جي جواب ۾ ريمبو چيو ته والدين جيان آئون به ڊڄي رهيو هيس ته صاحبه منهنجي خاندان سان رهي سگهندي يا نه؟  ڇو جو صاحبه جوتن تائين پاڻ نه پائيندي هئي

شادي کان پهرين جڏهن هو ٻاهر ويندي هئي ته ان سان گڏ مينيجر، سيڪيورٽي گارڊ، ڊرائيور ۽ هڪ عورت هوندي هئي. شادي کانپوءِ صاحبه کي ڏسي منهنجي والدين جو ڊپ ختم ٿي ويو، صاحبه انهن کي محسوس ئي نه ڪرايو ته هو ڪا وڏي خاندان جي گهراڻي جي آهي.  صاحبه جي اخلاق کي ڏسي منهنجي خاندان وارا چوندا هئا ته تو کي سٺي زال ملي آهي اسان توکي اهڙي سٺي زال نه وٺي ڏئي سگهون ها.