آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز  ) آسٽريليا ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ نيوزيلينڊ کي72 رنسن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ايڊن پارڪ آڪلينڊ ۾ڪيوي ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، آسٽريلوي ٽيم پهريان  بيٽنگ ڪندي 19.5 اوورن ۾ 174 تي ڍير ٿي وئي، ٽرويس هيڊ 46 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي جڏهن ته پئٽ ڪمنز 28 ۽ ڪپتان مچل مارش 26 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. نيوزيلينڊ طرفان ليوڪي فرگوسن شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي چار جڏهن ته بين سيرس، ايڊم ملني ۽ مچل سينٽنر ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. 174 رنسن جي جواب ۾  نيوزيلينڊ بيٽنگ لائين آسٽريلوي بالرن آڏو واري جي ڀِت ثابت ٿي ۽ پوري ٽيم 17 هين اوور ۾ 102 تي آل آئوٽ ٿي وئي. گلين فلپس 42، ايڊم ملني 16 ۽ جوش ڪلرڪسن 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته 8 بيٽرز ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا آسٽريليا جي ايڊم زمپا 4 رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو، جڏهن ته نٿن ايلس ٻه، مچل مارش، جوش هيزل ووڊ ۽ پئٽ ڪمنز جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي. پئٽ ڪمنز کي پليئر آف آل رائونڊ پرفارمنس تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.آسٽريليا نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي آخري ميچ 25 فيبروري تي آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي.