ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار شاهد ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته پنهنجي سڪيلڌي اڪيلي ڌي ميشا جي ڪري سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏنا آهن. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن منهنجي ڌي پيدا ٿي هئي ته ان وقت ئي سگريٽ ڇڏيا ۽ جڏهن ڌي وڏي ٿيڻ لڳي ته ڌي کان لڪي سگريٽ پيئندو هيس ڇو جو آئون اهو نه چاهيندو هيس ته منهنجي ڌي مون کي سگريٽ پيئندي ڏسي. شاهد ڪپور وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن لڪي سگريٽ پي رهيو هيس ته اوچتو پاڻ کان سوال ڪيو ته مان آخر ڪيستائين ڌي کان لڪي سگريٽ پيئندو رهندس، ڇو نه اهي ڇڏيان، ان ڏينهن کان پوءِ ٻيهر سگريٽن ۾ هٿ ناهي لاٿو.  شاهد ڪپور۽ ميرا راجپوت جي شادي 2015 ۾ ٿي هئي، 2016 ۾ انهن کي ڌي ميشا جڏهن ته 2018 ۾ پٽ زين پيدا ٿيو، شاهد جي گهرواري جو شوبز سان تعلق ناهي.