سکر/جيڪب آباد (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف کاتن ۾ 5 کان 15 هين گريڊ جي 50 هزار نوڪرين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس سکر طرفان پهرين مرحلي ۾ گريجوئيٽ ڊگري رکندڙ اميدوارن جي اسڪريننگ ٽيسٽ ٻئي ڏينهن به جاري رهي، آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وائيس چانسلر پروفيسر مير محمد شاهه ڪراچي سينٽر ۾ ٽيسٽ جو جائزو ورتو جڏهن ته آءِ بي اي يونيورسٽيءَ رجسٽرار  اظهر سومرو، انتظامي عملدارن زاهد حسين کنڊ، مدد علي شاهه ۽ ٻين پبلڪ اسڪول سکر ۾ ٽيسٽ جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي انتظاميا جو چوڻ هو ته  17 جنوري کان سنڌ جي 9 سينٽرز ۾ گريجوئيٽ 2 لک 72 هزار اميدوارن کان 22 جنوري تائين اسڪريننگ ٽيسٽ ورتي ويندي. سنڌ اندر 9 سينٽرز قائم ٿيل آهن جن ۾ لڳ ڀڳ 42 هزار اميدوار ٽيسٽ ڏني. صرف پبلڪ اسڪول سکر ۾ ٻئي ڏينهن سکر ۽ خيرپور سان تعلق رکندڙ 5 هزار 9 سو اميدوارن ٽيسٽ ڏني. امتحان رزلٽ ٽن ڏينهن اندر هر ڏينهن جو ويبسائيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويندو. جڏهن ته ٻئي مرحلي جو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اعلان ڪيو ويندو. هوڏانهن سينٽرز ٻاهران وڏي انگ ۾ اميدوار دير اچڻ، شناختي ڪارڊ گم ٿيڻ سميت مختلف سببن ڪري ٽيسٽ ڏيڻ کان رهجي ويا. ٻي طرف  آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج اندر سينٽر ۾ ٻئي ڏينهن به ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي اميدوارن کان لکت وارو ٽيسٽ ورتو ويو آءِ بي اي سکر جي ڊائريڪٽر نور حسين شر پاران سينٽر جو دورو ڪري معائنو ڪيو ان موقعي تي ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته جيڪب آباد ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعن جي اميدوارن کي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ آءِ بي اي اختيارين پاران بهترين فيصلو ڪندي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جيڪب آباد ۾ سينٽر قائم ڪري لکت وارو امتحان ورتو پيو وڃيم  روزانو جي بنياد تي 3500 اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن.