حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پاران حيدرآباد ضلعي جي چونڊن جي ٽن ڏينهن بعد پارٽي پوزيشن جاري ڪئي وئي آهي. ڪميشن جي انگن اکرن مطابق پيپلزپارٽي 94 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي ڪاميابي ماڻي آهي. 330 جنرل ميمبرن تي به پ پ کي ڪاميابي حاصل ٿي. مجموعي طور پيپلزپارٽي 424 سيٽون حاصل ڪيون. جماعت اسلامي کي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي هڪ سيٽ تي ڪاميابي ملي ۽ ان جا 7 جنرل ميمبر چونڊجي آيا آهن. جماعت اسلامي کي مجموعي طور 8 سيٽون حاصل ٿيون آهن. پي ٽي آءِ 40 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ 153 جنرل ميمبرن جي سيٽن تي ڪاميابي ماڻي ۽ ان کي 193 سيٽون حاصل ٿيون. پي ايم ايل اين، پي ايم ايل ايف ۽ جي يو آءِ کي هڪ به سيٽ حاصل نه ٿي. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جا 5 وارڊن تي جنرل ميمبر چونڊيا. جي يو آءِ پاڪستان کي ڪنهن به سيٽ تي ڪاميابي حاصل نه ٿي. جي ڊي اي جا جنرل سيٽن تي 2 ڪائونسلر چونڊيا. ٽي ايل پي کي ٻن يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ 14 جنرل ميمبرن سميت 16 سيٽون حاصل ٿيون. آزاد حيثيت ۾ بيٺل اميدوارن کي 16 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ 96 جنرل ميمبرن جي ڪاميابي سميت مجموعي طور 112 سيٽون مليون. پي ايس پي جو هڪ وارڊ تي جنرل ميمبر ڪامياب ٿيو. ايم ڪيو ايم حقيقي کي ڪا به سيٽ حاصل نه ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان کي جنرل ميمبر جون 9 سيٽون حاصل ٿيون. 5 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي بيٺل اميدوارن جي وفات سبب چونڊ نه ٿي. اهڙي طرح 11 وارڊن تي به اميدوارن جي فوتگي سبب چونڊ عمل رڪيل آهي. ٻين پارٽين کي 11 وارڊن تي جنرل ميمبر طور ڪاميابي ملي. ٻن يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن ۽ 6 وارڊن تي ٿيل چونڊ جا نتيجا رڪيل آهن. 800 مختلف مڪاني حلقن مان 640 جنرل ميمبرن جي حلقن ۽ 160 يونين ڪميٽين جي حلقن مان پيپلزپارٽي 424 حلقن تي ڪاميابي ماڻي پهرين نمبر تي اچي وئي آهي.