ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان 4 سال اڳ بجلي جي تار ھڻڻ تان لاڙ ۽ نائچ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي دوران قتل ٿيل ڳوٺاڻي عبداللطيف لاڙ واري معاملي جو نبيرو علائقي جي معزز احمد خان نائچ جي سرپئنچي ۾ پاڪ ڪتاب تي ٿيو، جنھن ۾ لاڙ برادري طرفان ايڊووڪيٽ ذوالفقار پنھور ۽ رياض شاھاڻي امين مقرر ٿيا، جڏھن ته جوابدار ڌر نائچ برادري طرفان رستم شاهه ۽ بھادر نائچ امين ھئا، نبيري ۾ نائچ ڌر تي عبدالطيف لاڙ جو قتل جو ڏوهه ثابت ٿيو، جنھن تي قاسم نائچ، فاروق نائچ ۽ محبوب نائچ کي ڏوھي قرار ڏيندي 50 لک رپين جي 2 ايڪڙ زرعي زمين ڏيڻ جو ڏنڊ وڌو ويو، فيصلي ۾ طئي ڪيو ويو ته قتل ڪيس ۾ جيل اندر جوابدار فاروق ۽ محبوب نائچ کي شاھديون ھٽائي کين آزاد ڪرايو ويندو، نبيري بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.