سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ماتحت سرڪاري ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ جڙيل 18 ملازم تنظيمون مسئلن جي حل لاءِ ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سرڪاري ملازمن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن آل گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائينس سنڌ (اگيگا) جوڙڻ بعد ايم ڪي اسڪول مينارا روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. اِن موقعي تي ميان عبدالرحيم ڀارو، علي بخش چاچڙ، شمس کوسو، مقصود مھيسر، حاجي شفيع محمد سٺيو، اسماعيل جسڪاڻي، عابد حسين قريشي ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري سمورن کاتن جي سرڪاري ملازمن کي حق ناهن ملي سگھيا، حڪومت پاران ملازمن جي ٽائيم اسڪيل، اپگريڊيشن، فوتي ڪوٽا،رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس، ڪچن ملازمن کي مستقل ڪرڻ سميت بنيادي ۽ جائز مطالبا جيڪي چارٽر آف ڊمانڊ جي صورت ۾ سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا آھن، جن جي حل جي لاءِ سنڌ حڪومت طرفان لکت ۾ خاطري ڪرائڻ باوجود ھن وقت تائين ڪو به عملي قدم ناھي کنيو ويو،اڳواڻن چيو ته 13 اپريل تي لاڙڪاڻو، 14 تي نوابشاھ، 15 اپريل تي حيدرآباد، 19 اپريل تي ميرپور خاص ۽ 20 اپريل تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويندا. جيڪڏھن اِن باوجود حڪومت اسان جي قانوني ۽ جائز مطالبن کي حل ڪرڻ ۾ سنجيدگي نه ڏيکاري ته پوءِ گڏيل مشاورت سان سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شھيد خان کان ڪراچي تائين احتجاجي مارچ ڪري سي ايم ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو. جيڪڏھن اِن باوجود الائونس، رٽائرڊ ملازمن جي وارثن کي سن ڪوٽا، يوٽيلٽي، ھائوس الائونس، ٽائيم اسڪيل، سروس اسٽريڪچر، ھيلٿ ڪارڊ، رٽائرڊمينٽ وقت ملازمن جي گروپ انشورنس، جي پي فنڊ جي فوري ادائگي، سينارٽي بنيادن تي پروموشن، مڪاني کاتن جي ملازمن جي پگھارن جي خزاني آفيس ذريعي ادائيگي وارن مطالبن تي عمل نه ٿيو ته آل سنڌ گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائينس سنڌ جي عھديدارن جي گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي، جنھن کان پوءِ ڪم ڪار جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ، آفيسن کي تالا ھڻڻ سميت ٻين سخت قدمن متعلق غور ويچار ڪيو ويندو. مينارا روڊ تي ڌرڻي سبب ھڪ ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ رھيو، سخت گرميءَ ۾ شھرين کي پريشانين کي منھن ڏيڻو پيو.