سامارو (ن پ ا) سامارو جي سينيئر پنهنجي اخبار جي هاڪر محمد يوسف ڪپري جي وڏي ڀيڻ لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جي جنازي نماز اڄ اڱاري ڏينهن صبح 8 وڳي ڳوٺ حاجي غلام حيدر ڪپري لڳ سامارو روڊ ۾ ادا ڪئي ويندي، جنھن جي تعزيت جو تڏو سامارو روڊ ڀرسان ڳوٺ غلام حيدر ۾ وڇايو ويو آھي. جڏھن ته يوسف ڪپري جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ھاڪرن پاران ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي.