دادلغاري (رپورٽ: آدم پتافي) وڏيري پاران گاڏي چڙهائي نوجوان کي معذور بڻائڻ وارو مامرو، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي خبر تي نوٽيس سبب وڏيري کي نيٺ ڳوٺاڻي آڏو ميڙ منٿ کڻڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو، وڏيرو حاجي مهر جي ڌر ميڙ منٿ کڻي معذور بڻيل نوجوان شفيع محمد جي گهر پهتا، وڏيري مٿان ڪيس داخل واري حڪم بعد ميڙ منٿ جو جٿو متاثر جي گهر پهتو، وڏيري جي وڏو ڀاء عمر خان مهر ۽ مهر ويلفيئر اڳواڻ رضا محمد مهر علائقي جا چڱا مڙس ساڻ ڪري ميڙ منٿ جو ڪافلو وٺي نوجوان جي گهر پهتو کيس ڪيل غلطي جي معافي ورتي، گاڏي جي ٽڪر ۾ معذر بڻيل نوجوان ۽ سندس ڀاءُ سخيرو مهر ميڙ منٿ کي مان ڏيندي کيس معاف ڪري ڇڏيو. عمر خان مهر ٻڌايو ته اسان سڀ پاڻ ۾ آهيون غلطي ٿي آهي يا غلط فهمي مامري کي ختم ڪرڻ لاءِ کيس زخمي نوجوان شفيع محمد مهر جي تڏي تي هلي وياسين کيس انهن اسان کي مان ڏيندي صلح ڪيو آهي جڏهن ته معذور بڻيل نوجوان جو علاج پنهنجي خرچ تي ڪرائيندس. هوڏانهن گاڏي جي ٽڪر ۾ معذور بڻيل نوجوان شفيع محمد مهر جي ڀاء سخيرو مهر چيو ته اسان کيس آيل ميڙ منٿ وارن ماڻهن کي مان ڏيندي صلح ڪئي آهي. . واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي لکڻ سبب وڏيرو حاجي خان مهر مڇرجي نوجوان شفيع محمد مٿان گاڏي چڙهائي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي هئي. جنهن جي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ايس يس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺندي کينجهو پوليس کي وڏيري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن بعد وڏيرو ميڙ وٺي متاثر ڌر وٽ پهتو.