ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي 2 ڏينهن تي ٻڌل 15 ڪلاڪ ڊگهي اجلاس ۾ مالي سال 23-2022ع جي 1713 ارب رپين جي بجيٽ منظور ڪري ورتي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال 2021.22ع جي ضمني بجيٽ منظوري ڏني وئي، ايوان ۾ 93 ارب 56 ڪروڙن جا 78  ناڻي وارا مطالبا پيش ڪيا ويا، جيڪي ايوان منظور ڪري ورتا، اجلاس ۾ جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪٽ موشنز ( ڪٽوتي واريو رٿون) جو اعلان  ڪيو ويو  پر ٻنهي پارٽين جي غير حاضري سبب سندن  رٿون پيش نه ٿي سگهيون انهي کان اڳ ايوان کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هيلي ڪاپٽر ۽ جهازن تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ جا الزام ڪوڙا آهن، چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام ڪا نئين ڳالهه ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هائوس جون وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون، اهو چيو ويو ته جهازن ۾ پئسا وڃي رهيا هئا،  جيئن اڳ ۾ ٻيڙين ۾ پئسا پرڏيهه وڃڻ جا الزام لڳايا ويا، اسان سنڌ هائوس ۾ ماني گهرائي ٿي، ماني جي  باڪسز جا فوٽو ڪڍي پئسا آڻڻ جا الزام مڙهيا ويا ويا،آئون چوان ٿو ته توهان الزام ثابت ته ڪريو، هن چيو ته   اسان کي عمران خان جي حڪومت ۾ ايم اين ايز جو خيال رکڻ جون سفارشون ڪيون وينديون هيون.  هن  چيو ته پي ٽي اءِ وارا انتظار ۾ هئا ته شايد بائيڊن کين فون ڪندو ، هن چيوته عمران سرڪار خلاف ڪا سازش نه ٿي هئي، اسان ڪراچي کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو فيصلو عدم اعتماد کان اڳ ۾ ئي ڪيو هو،  هن چيو ته عمران خان وارن کي هن وقت اسان جا شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ياد آيا آهن اهو ايئن آهي، جيئن چوندا آهن ته ڪاڏي دستگير ڪاڏي جمعو فقير. وڏي وزير چيو ته اسان جڏهن پڙهندا هئاسين، هي کيڏندا هئا کين تاريخ ۽ جاگرافي جي خبر ئي نه هئي، هي لائيٽ جي اسپيڊ سان ٽرين هلائڻ پيا چاهين، ڪڏهن چون پيا ته سال ۾ 12 موسمون آهن، هتي چرس ۽ ڪوڪين جي ڳالھه  نه ڪئي وئي. لنگرخانا کولڻ تي خوش آهن، احساس پروگرام اصل ۾ اسان جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آهي. وڏي وزير چيو ته هنن مونکي هٽائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر اهي ائين نه ڪري سگهيا. هڪ صاحب آيو، ان کي ڪي سي آر 50 سالن جو پراڻو کپندو هو. ڪورٽ ذريعي 20 ارب ضايع ڪيا ويا،اسان کان 6 ارب رپيا به وصول ڪيا ويا. هن چيو ته منهنجي مٿان نوري آباد پاور پلانٽ جو  ڪيس داخل ڪيو ويوم جنهن کي بند ڪرڻ لاءَ منهنجي مٿان دٻاءُ وڌو ويو پرمون ان کي  هڪ ڏينهن بند نه ڪرڻ ڏنو،  انهي منصوبي مان ڪراچي کي سڀ کان سستي بجلي ملي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته الزام لڳو ته هيليڪاپٽر تي 40 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، ايترو پئسا ته منهنجي سڄي عمر ۾ به ڪڏهن خرچ ناهن ٿيا، خرم شير زمان وري  چيو ته سي ايم هائوس تي 21 ارب خرچ ڪيو ويو، اهي تقرير ڪري هليا ٿا وڃن نواز شريف جو ڪيس وڙهندي مراد علي شاهه چيو ته اڳ ۾ وزيراعظمن کي سزائون ڏياري ڪڍيو ويو، يوسف رضا گيلاني کي عدالت جي برخاستگي تائين بيهاري سزا ڏئي ڪڍيو ويو، نواز شريف کي اقامي تان ڪڍيو ويو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ  6 ڪلاڪ ڊگهي تقرير ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته مرادعلي  شاهه جي وڏ وزات ۾ سنڌ ۾ ڪو ڪم ناهي ٿيو، اسيمبلي کي به عزت نه پئي ڏني وڃي، ايندڙ چونڊون اهڙيون خوني هونديون جو ان جيتريون ٻيون نه ٿيون ٿي سگهن. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ بجيٽ پيش ڪرڻ واري ڏهاڙي مخالف ڌر پاران رڪاوٽ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو افسوسناڪ عمل هو، مخالف ڌر کي 1713 ارب رپين جي صوبائي بجيٽ تي ڳالهائڻ گهرجي ها، موجوده روينيو خرچ 1200 ارب رپيا کان وڌيڪ آهي، اپوزيشن کي انھي کي گھٽائڻ بابت تجويزون ڏيڻ گهرجن ها،  هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي تحت 3 درياءِ دشمن ملڪ کي وڪرو ڪيا ويا، 1960ع ۾ ٻن ڊيمن جي اڏاوت لاءِ اربين ڊالر قرض ورتو ويو، سنڌ جي عوام کي 1991ع واري پاڻي ٺاھه  تي سخت اعتراض هئا، جنهن تي اڄ تائين عمل ناهي ٿيو،  ھڪ آمر ( جنرل پرويز مشرف) وري 2003ع ۾ ٽه رخو فارمولو ڏنو، جنهن تي پيپلز پارٽي سخت احتجاج ڪيو. هن چيو ته سنڌ صوبي سان پاڻي ورڇ جي معاملي تي ظلم ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. اسان گريٽر ٿل ۽ جلال پور ڪئنالن جي اڏاوت خلاف اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو، هن چيو ته پاڻي کوٽ سبب ڪينجھر ڍنڍ ڊيڊ ليول  ويجهو پهچي چڪي آهي، هن وقت ڪوٽڙي بئراج وٽ صرف پيئڻ جو پاڻي موجود آهي. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ جمهوريت جا جنازا آندا ويا، جيڪي نه آڻڻ کپندا هئا،  هن چيو ته اسان اپوزيشن وارا ايوان ۾ گهڻا هئاسين، هاڻ 30 مان 26  رهجي ويا آهيون، ڀائي لوگ ( متحده) وارا  اوهان کي ( حڪومتي ڌر) پيارا ٿي ويا، هن چيو ته اڪثريت وارن کي اقليت کي تسليم ڪرڻ گهرجي ڇو ته اسان به نمائندا آهيون، اسان کي به عوام چونڊيو آهي، هن چيو ته  اسلام آباد ۾ اپوزيشن کي پنهنجو حق پورو مليو پر هتي ايبسليوٽلي ناٽ تي عمل ڪيو وڃي ٿو. اسٽيئرنگ ڪاميٽين ايستائين جو پي اي سي ۾ به اپوزيشن جي نمائندگي ناهي. اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي سوالن جا جواب اچن ٿا پر جواب ڏيڻ وارو ئي ڪونهي. هن چيو ته عمران خان کي هڪڙي آمريڪي عملدار ڊونلڊ لو جي چوڻ تي هٽايو ويو، اسان غيرن جي غلامي قبول نه ڪنداسين، اسان عمران خان جا سپاهي آهيون، اسان کي ڪو روڪي نه سگهندو، هن چيو ته اسان جي بجيٽ توڙي  ڪرپشن وڌندي پئي وڃي، سنڌ جا  ماڻهو بصر ۽ مرچ سان ماني پيا کائين