ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار پاران آءِ بي اي سکر ذريعي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جي ڀرتي ڪرڻ واري پاليسي ٺهڻ وقت خالي قرار ڏنل جاين جو تعداد 50 مان  وڌي 56 هزارن تائين پهچي ويو، جايون خالي نه هجڻ سبب انتظار ۾ ويهاريل اميدوارن جا ڀاڳ کُلي ويا، واڌو جاين تي ويٽنگ لسٽ ۾ شامل اميدوارن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي  50 هزار جي لڳ ڀڳ خالي جاين تي مجموعي طور تي 46 هزار تائين ڀرتيون ڪيون ويون آهن، ڪالهه تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ بجيٽ تقرير دوران اعلان ڪيو آهي ته  38699 پي ايس ٽيز ۽ 17355 جي اِي ايس ٽِيز سميت ڪل 56056 استاد ڀرتي ڪيا پيا وڃن. انهن ڀرتين بعد استادن جي کوٽ سبب بند پيل سمورا اسڪول  پهرين آگسٽ کان کُلي ويندا،  ساڳئي وقت 10 لک ٻارن کي  نئين فرنيچر جي فراهمي پڻ شروع ٿي ويندي، هن چيو ته نون ڀرتي ٿيل استادن کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي. اسان صوبي ۾ جلد 750 ميوزڪ ٽيچرز ۽ 750 آرٽ ٽيچرز ڀرتي ڪري رهيا آهيون،  اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙن  بابت هن چيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو  اين جي اوز  پاران ڏنل انگ درست ناهي، صوبي ۾ هڪ ڪروڙ 20-30 لک ٻار آهن، جن مان 40 کان 45 لک ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن پيا، جڏهن ته  سيف اسڪولز، مدرسن ۽ ٻين اسڪولنگ سسٽم ۾ به وڏي انگ ۾ شاگرد پڙهن پيا، هن چيو ته اسان مختلف پروجيڪٽن ذريعي 1085 اسڪولن کي اپ گريڊ پيا ڪريون، هن چيو ته تدرس تدريس واحد پروفيشن آهي، جنهن ۾ ڪو لائسنس ناهي، اسانجي لائسنس جي حوالي سان برٽش ڪائونسل، انگلينڊ بورڊ، آغا خان يونيورسٽي سميت ٻين ادارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته خانگي اسڪولن کي سنڌي ۽ اردو ٻئي ٻوليون پڙهائڻيون آهن پر ڪيترائي خانگي اسڪول اهي ٻوليون ناهن پڙهائيندا. لينگويج ايڪٽ تي عملدرآمد لاءِ پهريون دفعو پرائيويٽ اسڪولن جي شماري ڪرايون پيا، آئون سمورا انگ اکر اسيمبلي ۾ پيش ڪندس. هن چيو ته سکر، بينظير آباد، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ 5 سائنس ميوزم قائم ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسڪول ڪلسٽرنگ پاليسي تحت 1860 ڪلسٽرز ۽ 6000 سب ڪلسٽرز ٺاهيا ويندا، هوڏانهن تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته سال 2021ع ۾ استادن جي ڀرتين واري پاليسي اچڻ بعد ڪافي استاد رٽائرڊ ٿي ويا آهن، جهن بعد  خالي جاين جو تعداد به وڌي 56 هزار 56 تائين پهچي ويو آهي، ايندڙ ٻن سالن تائين خالي جاين جو تعداد  60 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته ويٽنگ لسٽ وارن اميدوارن کي انهن سيٽن تي ڀرتي ڪيو ويندو،