اشو آف دي ڊي کٽي نه سگهيون پر سرخرون ٿي ويون

0
449
اشو آف دي ڊي کٽي نه سگهيون پر سرخرون ٿي ويون

 سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ عورتن پاران حصو وٺڻ واري عمل جي سوشل ميڊيا تي ساراهه ڪئي وئي، انهن عورت اميدوارن جي هارائڻ کي  ان ڪري فتح قرار ڏنو ويو ته اهي آخري وقت تائين چونڊ وڙهيون، مستقبل ۾ تبديلي اچڻ جي اميد به ظاهر ڪئي وئي، ان حوالي سان استاد خالد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مڪاني چونڊ ۾ خيرپور شهر ۾ ھڪ مسڪين پورهيت گلشن شيخ جي نياڻي پروين شيخ وارڊ نمبر:01 تي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاھ ۽ ايم اين اي نفيسه شاھ پاران بيھاريل اُميدوار منٺار شيخ کي بدترين شڪست ڏئي ڇڏي. پروين شيخ 430 ووٽ حاصل ڪيا جڏھن ته سندس مد مقابل بيٺل پ پ اُميدوار صرف 190 ووٽ کڻي سگهيو، جنهن تي حسين بخش ٿيٻو لکيو ته پروين شيخ تي فخرمند آھيان، ان ڪري نه ته ھن اليڪشن کٽي آھي ان ڪري ته ھن وڏي جرئت سان سوشل ۽ جينڊر بيريئر (سماجي اونچ نيچ، ۽ صنفي فرق) کي ٽوڙي وڏيرا شاھي خلاف مقابلو ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي، ھي ڏڪاري ٿر تي تاڙي جي تنوار آھي، ھي موسمن جي تبديلي جي نشاندھي آھي ھي بادل برسڻ جي نويد آھي. فاصلو برابر ڊگھو ۽ اڙانگو آھي پر اميد جو پاسو سگھارو آھي.

ولي محمد چانڊيو لکيو ته هن جي همٿ کي سلام آهي جنهن اتي ڪاميابي ماڻي آهي، صدرالدين پنهور، ادريس راجپوت، جبار آزاد منگي به مبارڪون ڏنيون. زوهيب سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اي سنڌ جون عظيم نياڻيون، اوھان ھارائي به کٽيو، اوھان سنڌ آھيو، اوھان انقلاب آھيو، اوھان سراپا سچ آھيو ، اوھان جو شعور اتر سنڌ ۾ قيد ٿيل ذھن کي ھڪ ڏينھن ضرور کوليندو، اوھان جو شعور ان ذھن کي کوليندو جتي عورت جي عظمت کي سڃاتو ناھي ويو، اوھان جو شعور ان ذھن کي لوڏيندو جن ۾ گند ڀريل آهي جيڪي ذھن چوندا آھن عورت صرف گھر جي ڪم ڪار لاءِ آهي، اوھان جو شعور وڏيرن جي ديرن اوطاقن جا ڪوٽ ڪيرائندو، پر ڪڏھن ائين ٿيندو؟ جڏھن قوم اوھان کي سڃاڻيندي اوھان مايوس ضرور ھوندا پر ڀٽائي جي سٽ اوھان کي ياد ڪرڻ گھرجي جنھن چيو: ووءِ ڪندي وت متان وو ويسارين: اوھان جي جدوجھد جو ثمر قوم کي ھڪ ڏينھن سجاڳ ڪندو ۽ وڏيرا ڀوتار مير سڀ دفن ٿيندا، لال محمد چانڊيو ۽ منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏ڀوتارن جو آخر تائين مقابلو ڪندڙ فوزيه سينگار، ماهنور شيخ،عاصمه ابڙو ۽عروسه لاشاري. ڀوتار ماضي آهن. هي سنڌ جون نياڻيون مستقبل آهن. هنن جو چونڊن ۾ بيهڻ ئي سنڌ جي سوڀ آهي.

جنهن تي امتياز دانش، محمد بخش اياز عمراڻي، راول خان چانڊيو، سعيده گوپانگ، ڊاڪٽر اصغر عباسي ۽ ٻين به نياڻين جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ واري عمل جي ساراهه ڪئي، خادم رند لکيو ته مستقبل مدي خارج ۽ ڌپ ڪري ويل وڏيرن جو نه پر روشن خيال ماڻهن جو آهي، ورثا پيرزادو پوسٽ شيئر ڪئي ته هنن جي فتح جو انتظار رهيو، فوزيه سينگار، ماهنور شيخ، عاصمه ابڙو ۽ عروسه لاشاري، پر هنن جو آخر تائين وڙهڻ به فتح کان گهٽ ناهي، اها به هڪ وڏي تبديلي آهي جتي چڱا ڀلا ڀڄي ويا اتي هي بيٺل رهيون،ويلڊن، سنڌ کي تبديل ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. جنهن تي شاهزيب سنڌي لکيو ته هنن نياڻين وڏيرن کي للڪاري اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ اڃا سنڍ ناهي ٿي، راشد سمي سومرو لکيو ته جلد تبديلي ايندي، صفيع الرحمان پندراڻي، فدا حسين نائچ، کٽومل راگهاڻي، شيراز علي سيوهاڻي به سلام پيش ڪيو، نورالهديٰ شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جون هي پڙهيل لکيل ڌيئرون جاگيرداراڻي نظام خلاف اليڪشن ۾ بيٺيون، سرڪاري سرپرستي ۾ پلجندڙ نالائق، طاقتور، ڪرپٽ وڏيرن جي داٻن، ڌمڪين، ڌانڌلين جي باوجود انهن جي آڏو اٽل بيٺل رهيون،

کٽي نه سگهيون پر سرخرون ٿي ويون، ڇا پ پ جاهل وڏيرن جي جاءِ تي انهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ پسند ڪندي؟  فرحان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ۽ نيٺ بنياد رکجي ويو، پيپلز پارٽي،ايم ڪيو ايم ۽ ڪجهه ٻين جماعتن جا اڳواڻ سدائين سنڌ جي قومپرست پارٽين تي تنقيد ڪندي اهو موقف ورجائيندا رهيا آهن ته قومپرست ڪائونسلر جي سيٽ به ناهن کٽي سگهندا پر گذريل ڏينهن ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي سميت ٻين جماعتن جي اميدوارن تاريخي سوڀ ماڻي سنڌ ۾ روايتي وڏيرڪي سياست جي تابوت ۾ ڪوڪو ٺوڪي هڪ هاڪاري ۽ روشن خيال تبديليءَ جي راهه هموار ڪرڻ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي ۽ اها ڪاميابي رڳو انهن سنڌ پرست اميدوارن جي نه پر هن ديس جي محڪوم، مظلوم ۽ مسڪين طبقي جي سوڀ آهي. خصوصي طور عورت اميدوارن فوزيه سينگار نوناري، عروسه لاشاري، ماهنور شيخ، پروين شيخ، ايڊووڪيٽ عاصمه ابڙو ۽ ٻين جنهن جرئت جو مظاهرو ڪري ڊپ کي شڪست ڏني، اها به عظيم ڪاميابي آھي ، ان تاريخي سوڀ جون سنڌ جي حقيقي ساڃاهه کي واڌايون هجن جنهن سوشل ميڊيا تي ويهي سجاڳيءَ جو پيغام پکيڙي هيسيل طبقي کي حرامخور ۽ جمهور مخالف واڳن خلاف مورڙي وانگر ڪنڌ مٿي کڻي وڙهڻ جي سگهه فراهم ڪئي. سنڌو نواز گهانگرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خيرپور ۾ انقلاب، گڏهه گاڏو هلائيندڙ پورهيت گلشن شيخ جي نياڻي پروين شيخ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ ايم اين اي نفيسه شاهه جي اميدوار منٺار شيخ کي هارائي ڇڏيو.