ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ الله بخش انڙ ۾ نوجوان محمد عمر انڙ غربت ۽ بيروز گاري کان تنگ اچي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ڳڙھي ياسين پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش کڻائي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان ننڍي ڀاءُ سان ڪاوڙجي آپگهات ڪيو آهي، رابطو ڪرڻ تي فوتي نوجوان جي امڙ مسمات مختيار خاتون ٻڌايو ته محمد عمر وڏو پٽ ھو، سندس ڀاءُ يا ٻئي سان ڪو به مسئلو نه ھو، 4 سال اڳ منھنجو مڙس فوت ٿي ويو ھو اسين انتھائي غريب آھيون پٽ بيروزگاري سبب ڪجهه ڏينھن کان پريشان هو جنهن ڪري هن انتهائي قدم کنيو.