ڦل(ن پ ا) ڦل ڀرسان ڳوٺ جمن لغاري جو رهواسي ايئرفورس ۾ پروويسٽ نائيڪ طور ڊيوٽي ڪندڙ فوجي دلدار علي لغاري ولد اميربخش لغاري پشاور۾ شھيد ٿي ويو، جنهن جو مڙھ سندس ڳوٺ آندو ويو سندس مڙھ کي پاڪستان جي جهنڊي سان ويڙهي جنازه نماز ادا ڪئي وئي جنهن کان پوءِ کيس پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو سندس جنازه نماز ۾ تر جي ماڻهن وڏا تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ايس ايچ او ڦل غلام شبير شر پنهنجي پوليس نفري ساڻ شرڪت ڪري نماز پڙهي. ياد رهي ته ڳوٺ جمن لغاري جو رھواسي ايئر فورس ۾ پروويسٽ نائيڪ دلدار علي ولد امير بخش لغاري پشاور ۾ شھيد ٿي ويو هو، جنھن جو مڙھ ايمبولنس ذريعي پشاور کان ڳوٺ جمن لغاري ۾ آندو ويو فوجي کي 2 پٽن جو اولاد ھيو ۽ 10 سالن کان ڊيوٽي جا فرض انجام ڏيندو رھيو هو.