عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ مان ڏيڍ مهيني کان مبينا اغو ٿيل عورت بازياب ڪرائي وئي آهي. حمداڻي پمپ جي رهواسڻ 20 سالا شادي شده ناري فتح جنجهي زال الهجڙيو کي جوابدار مير خان ماڇي مبينا طور ڏيڊ مهينو اڳ گهران اغوا ڪيو هو، اغوا ٿيل عورت فتح جنجهي جي امڙ سنڌ جنجهي جي فرياد تي جوابدار مير خان ماڇي ۽ سندس ماءُ راڻي ماڇي تي اغوا جو ڪيس وومين ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو. گذريل رات دير سان وومین ٿاڻي عمرڪوٽ جي پوليس مهراڻ ٿاڻي ميرپورخاص جي مدد سان جوابدار جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو جتي جوابدار مير خان ماڇي ناري فتح جنجهي کي هتان کان کڻي فرار ٿي ويو جتي عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي پوليس  گڏجي جوابدار مير خان ماڇي جي گهر وارن کي گرفتار ڪري ۽ پڇا ڳاڇا تي پوليس ڪوٽڙي ڀرسان ڳوٺ ڀيل ڪالوني تي ڇاپو هنيو ويو جتي ناري فتح جنهنجي کي بازياب ڪرائي ورتي ۽ هتان کان جوابدار مير خان ماڇي فرار ٿي ويو هو، ٻئي پاسي وومين ٿاڻي جي ايس ايچ او مهناز اعواڻ جو چوڻ آهي ته بازياب ڪرايل ناري فتح جنهنجي کي اڄ عدالت سڳوري ۾ پيش ڪئي ويندي.