ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ ديھ 333 مان نوجوان عبدالستار آرائين مبيانه طور اغوا ٿي ويو آهي، نوجوان تي تشدد واري ويڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي، سندس پيرسن امڙ بازيابي لاءِ پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد آڏو احتجاج ڪيو. پيرسن بيوه مسمات امينه بي بي آرائين پٽ ۽ وارثن سميت پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته ڳوٺ ديھ 333 ۾ رات جو 10 وڳي منهنجي پٽ کي فون تي گهران گهرائي اغوا ڪيو ويو ۽ ان کي بينگاھ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پٽ رات کان گم آهي ۽ جوابدارن پٽ عبدالستار آرائين تي تشدد ڪري اها ويڊيو پڻ وائرل ڪئي آهي. هن چيو ته منهنجي پٽ عبدالستار کي محمد عيش، محمد اسحاق، محمد آصف عيش، ثاقب عيش، شهباز شبير، فراز، امجد، هارث آفتاب ، ابوبڪر اغوا ڪري ويا آهن ۽ ان تي تشدد ڪري رهيا آهن. منهنجي پٽ جي کيسي ۾ 10 هزار روڪ رقم پڻ پيل هئي، پيرسن عورت سندس وارثن سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ڪندي گهر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ۽ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.