لاڙڪاڻو/ٺٽو (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 26 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن منير، امام بخش، نور فاطمه، امير علي ۽ ٻين کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي وارثن پاران ڌار ڌار کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ويو، جتي کين ويڪسين ڪئي وئي. هوڏانهن ٺٽي جي درگاهه ستيون ڀرسان ڳوٺ خالو ميربحر جي رهواسي پورهيت هارون ميربحر جي معصوم نينگر ذوالفقار ميربحر ۽ ڪوهستان واسي گھرام برفت جي پٽ غلام نبي برفت کي رولو ڪتن ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو، ٻنهي زخمي نينگرن کي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪري ويڪسين ڪرائي وئي.